ڪراچي (رپورٽر)مورو واقعي ۽ صوبائي گهرو وزير ضياءِلنجار جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرڻ خلاف وڪيلن جو سنڌ بار ڪائونسل آفيس آڏو ڌرڻو احتجاج ڪيو ويو .مورو واقعي ۾ پوليس ۽ خانگي ماڻهن جي احتجاج ڪندڙن مٿان فائرنگ ٿيڻ ۽ ڪارڪن شهيد ٿيڻ خلاف وڏي تعداد وڪيلن گڏ ٿي ڪري سنڌهاءِ ڪورٽ ڪراچي بار کان احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ بار ڪائونسل آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين شفقت رحيم راجپوت جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي وهي رهيا. وڪيل اڳواڻن ڪراچي بار جي خزانچي حسيب پنهور، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ، اصغر ناريجو، ايمل قاصي،عاصم ابڙو، عرفان ڪيريو، رشيد راڄڙ، سمير ميمڻ، عباس گاد، صداقت ميمڻ، شمس چانڊيو، پرور چانڊيو ۽ ٻين ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌين جي ويلفيئر ڪرڻ، تعليم، صحت، روڊ رستا، صاف سٿرائي جي سهولتن ۾ ته ناڪام وئي آهي، الٽو پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي ۽ زمينون ڪمپنين کي لکي ڏئي ڇڏيون آهن، مورو ۾ پرامن احتجاج تي پوليس ۽ گهرو وزير لنجار جي چوڻ تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، الٽو پنهنجي بنگلي کي هٿرادو باھ ڏئي مظلوم ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، سنڌ بار ڪائونسل سنڌ جي شهيد زاهد لغاري جي خون سان انصاف ڪرڻ جو ٺهراءَ پاس ڪرڻ بدران گهرو وزير ضيا لنجار جي حق ۾ پاس ڪري هزارين وڪيلن جي ووٽ جي حق تلفي ڪئي وئي، جنهن خلاف اسان وائيس چيئرمين جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو آهي، وڪيل اڳواڻن چيو ته شهيد جو لاش رکي ڌرڻو هڻي ويٺلن مٿان سوين بڪتر بند گاڏيون وٺي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ يزيديت آهي، هنن چيو ته بار ڪنهن جي اوطاق ناهي، هنن چيو ته سڄي سنڌ جي بارن سنڌ بار ڪائونسل ۽ گهرو وزير جي عملن خلاف احتجاج شروع ڪري ڏنا آهن، هنن گهر ڪئي ته گهرو وزير خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي.