ڪراچي( پ ر) سنڌ يو نائيٽڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ پنھجي بيان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت جي پوليس ۽ خانگي دھشتگردن ھٿان بيگناھ قومي ڪارڪن شھيد ۽ زخمي ڪرڻ جي مذمت ڪندي، نوجوان جي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪيو. پنھنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو تہ پاڪستان پيپلزپارٽي اقتدار جي عيوض سنڌ جي اڪثريت ملڪيت سمونڊ ، زمينون ، معدني وسيلا ۽ سنڌونديءَ جو پاڻي وڪڻي ڏئي ڇڏيو آهي. جنھنجي خلاف سڄي سنڌ ۾ طاقتور پر امن سياسي جدوجھد ھلندڙ آھي. لکن جي تعداد ۾ عوام رستن تي نڪري زرداري مافيا جي ڪيل سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو. ھاڻي پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ اندر پرامن سياسي جدوجھد جي رستا روڪ ڪرڻ لاء سال 2021 ۾ بحريه ٽائون جي پرامن احتجاج ۾ پنھنجن ڇاڙتن جي معرفت ڀنڃ ڊاھ، تشدد ۽ باهيون ڏياري جڙتو ڪيس ڪرڻ واري ڪريل حرڪت موري شھر ۾ دهرائي آھي. جيڪا سنڌ جي لکين پرامن سياسي جدوجھد ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي رياستي آپريشن ذريعي روڪڻ ۽ ڪچلڻ جي رٿا آھي. سنڌ ۾ گذريل ١٠ مھينن کان ھلندڙ ڪئنالن ۽ زمينن تي قبضي خلاف پر امن جدوجھد کي ڪنھن بہ گروھ جي پر تشدد سياست جي ذريعي انھن جي ايجنڊا جو حصو ٿيڻ نہ ڏينداسين. مورو جي واقعي جي ايماندار جج کان عدالتي تحقيقات ڪرائي ملوث ماڻھن کي سزائون ڏنيون وڃن.