حيدرآباد(پ ر) عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر نور نبي راهوجو، خادم ٽالپر، سيد لال شاھ، اياز چانڊيو، پرويز ابڙو، ڪليم ملڪ،شير چانڊيو ۽ بشير چانڊيو پنهنجي گڏيل بيان ۾ مورو ۾ پر امن احتجاج تي سڌيون گوليون هلائڻ دهشتگردي آهي، حڪومت هٿ وٺي سنڌ جو حالتون خراب ڪرائڻ چاهي ٿي، سنڌ جي اندر ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪرڻ سنڌي عوام جو بنيادي حق آهي جيڪو ڪير به نه ٿو کسي سگهي، هنن چيو ته ڪئنالن جي خلاف ٻٻرلو ۾ 12 ڏينهن احتجاج ٿيو پر ڪنهن کي ڪوبه نقصان نه پهتو سنڌي عوام سدائين پر امن احتجاج ڪيو آهي پر موري ۾ حڪومت جي چوڻ تي پوليس بيگناهه ڪارڪنن تي سڌا فائر ڪيا آهن جنهن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.