حڪومت هٿ وٺي حالتون خراب ڪرڻ بدران سنڌ جا مسئلا حل ڪري

تحرير: راجا سنديلو

وڪيل برادري سڄي سنڌي قوم جي سھڪار سان پرامن ڌرڻو هڻي سڄا ٻه ھفتا پنجاب جو بارڊر بند ڪري رکيو جنھن ڌرڻي سنڌي قوم کي پنھنجو مزاج دنيا اڳيان نروار ڪرڻ جو موقعو ڏنو، سلام ان قوم کي جنھن پنھنجي روايتن سان اھڙو نڀايو جو ڌرڻي سبب ڦاٿل غير سنڌي ماڻھو ، پٺاڻ توڙي پنجابي به انھن جي قومي ڪاڄ ۾ انھن سان گڏ نچندا ۽ ڪڏندا رھيا.امن پسند ۽ مھمان نواز قوم سان سڃاڻپ رکندڙ ماڻھن ھن ڀيري جيڪي مثال قائم ڪيا اھي تاريخ جو نئون باب بڻجي ويا. لڳاتار چوڏھن ڏينھن ھڪ ئي ھنڌ ھزارين ماڻھن جي موجودگي اھڙي منظم انداز سان ٿي جنھن جو ڪنھن کي ڪو وھم گمان ئي نه ھو.

ھر ماڻھو ھڙان وڙان پنھنجي پنھنجي وس آھر اهڙو پاڻ ملھايو جو دنيا دنگ رهجي وئي، ڪن مالي مدد ڪري ڌرڻو ھڻندڙن ۽ ڌرڻي سبب ڦاٿلن کي کاڌي پيتي جو سامان سنڀالڻ جو ذمو کنيو، ته ڪن ڪلينڪون قائم ڪري طبي سهولتون فراھم ڪيون، فنڊرون ۽ ٻڪرا قربان ڪري مظاھرين ۽ مسافرن کي عزت ۽ احترام سان کاڌا پيش ڪيا ويا جنھن جي ڪري تحريڪ ڏينھون ڏينھن مضبوط ۽ سگھاري ٿيندي وئي.اھو ته ھيو تحريڪ جو ھڪڙو پاسو، رياست ۽ حڪمرانن جون وايون بتال ٿيڻ واري صورتحال ته رھيل آھي.ڌرڻي سبب ھڪ پاسي پنجاب ويندڙ سنڌ جو پيٽرول بند ھيو ته ٻي پاسي کاڌي پيتي جون مختلف شيون جن ۾ سبزيون، گوشت وارا جانور ۽ مختلف کاڌا ۽ پيئڻ واريون شيون ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه به شامل ھو،

ھڪ پاسي انھن جي کوٽ جي ڪري پنجاب ۾ مسئلا پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا جنھن جي ڪري به، ته سنڌو درياھ مان ڪينال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف به خود پنجاب ۾ آواز اٿڻ شروع ٿي ويو، ته ٻي پاسي گھڻين ڪوششن باوجود رياست ۽ حڪمرانن کي دنيا م امن امان جو نئون مثال قائم ڪندڙ پرامن قوم خلاف ڪو به ھربو هلائڻ جو دڳ نه مليو. جنھن جي ڪري ڪينالن جو ڪم روڪرائڻ جو اعلان ڪري ڌرڻو ختم ته ڪرايو ويو پر اھو منصوبو مڪمل طور بند ڪرڻ لاءِ وري به صلاح مشوري جي تلوار ٽنگي وئي اھڙي تلوار جيڪا سنڌ قوم جي ارمانن ۽ اميدن جو قتل ئي ڪندي.

ان سڄي صورتحال ھڪ ٻي شيءِ به ھئي جنھن طاقتورن کي اندر ئي اندر ۾ جھوري وڌو ھو، اھا ھئي ڪسر ڪڍڻ واري ڪاوڙ، جيڪا شايد وقت جي نزاڪت کي ڏسندي وڪيل برادري جي ڀت جي ڪري نه نڪري سگهي.ڌرڻو ختم ٿيڻ کانپوءِ رياست ۽ ڀاڙي حڪمران گڏجي اھا ڪسر ڪڍڻ واري ڪم تي عمل پيرا ٿيا، مختلف جاين تي جدوجھد جو حصو ٿيندڙن تي ڪيس داخل ٿيڻ، گرفتاريون ۽ گمشدگيون شروع ٿي ويون ، ايتري تائين جو طبي سهولتون فراھم ڪندڙ ڊاڪٽر تي منشيات جي وڪري جو ڪيس ٿيو، ان ۾ خاص ڪري ڪراچي جي ملير پوليس پنھنجي فرمانبرداري ۾ پيش پيش رھي جنھن تشدد جو رستو ورتو ۽ ھڪ لاش به ڏنو.

اھڙي ئي تسلسل ۾ گذريل ڏينھن قومپرست ڌرين پاران دادو ۽ موري ۾ ڌرڻا ھڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو پئي ويو ته اڳ ۾ ئي ڪاوڙيل حڪمرانن سنڌي قوم جي ٻيھر منظم ٿيڻ واري صورتحال کي ڀانپي ورتو ۽ ان جي خاتمي لاءِ اھڙي خطرناڪ سازش ڪئي وئي جو ٻيھر ڪير پنھنجي حق جو آواز بلند ئي نه ڪري.

گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر سڙڻ جو واقعو به پيش ٿيو جنهن کي مڇريل مظاهرين سان جوڙيو ويو ته انهن گهر تي حملو ڪيو، باهيون ڏنيون ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جڏهن ته مظاهرين ان عمل جي ترديد ڪندي واضح ڪيو ته اسان جو ڌرڻو پرامن ۽ دادو روڊ تي هيو جڏهن ته گهرو وزير جو گهر ڌرڻي واري هنڌ کان گهڻو پري ڪچيري روڊ تي واقع آهي جتي اسان جو هڪ به مظاهرو ڪندڙ ناهي ويو، اهو سڄو جو سڄو هٿ ٺوڪيو ڊرامو آهي جيڪو سنڌو درياهه ۽ زمينن جي مالڪي ڪرڻ واري تحريڪ کي چٿڻ لاءِ رچايو ويو آهي.سوچڻ ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها به آهي ته نوَن مئي تي جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر جي گهر تي حملي وارو واقعو پيش ٿيو پر ڪنهن کي ڪو ڀتر به نه لڳو، جڏهن ته سنڌ ۾ پنهنجي حڪن لاءِ جدوجهد ڪندڙ پرامن مظاهرين تي گوليون وسايون ويون جيڪي يقينن ڪنهن وڏي سازش جو حصو آهن.

سو لڳاتار پرامن رهندڙ سنڌي قوم کي تشدد واري پاسي ڌڪڻ جي سازش ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، ٿيڻ ائين گهرجي ته سنڌ حڪومت دادو ۽ موري ۾ احتجاج ڪندڙ پرامن مظاهرين تي ڪاهه واري عمل جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي مٿن فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن توڙي وڊيو ۾ نظر ايندڙ خانگي ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي.اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي طاقت جو استعمال ڪندي، سنڌ جي حال تي رحم ڪري، هٿ وٺي حالتون خراب ڪرڻ بدران سنڌ جا مسئلا حل ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.