زاهد لغاري جي قتل ۽ زخمين جو ڪيس مراد علي شاهه ۽ ضياء لنجار تي داخل ڪيو وڃي: قومپرست اڳواڻن جو مطالبو

ڪراچي(پ-ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو عزيزالله ڀٽو. نواز علي شاھ ڀاڏائي غفارميرجت پنهل جمالي ذوالفقار بليدي اياز سولنگي سلطان دل ڪمال مهر گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سرڪار جو ظلم جو راج جاري  آھي سنڌ جا وسيلا لُٽيا پيا وڃن ڌرتي ڌڻين کان زمينون کسيون پيون وڃن.

قومپرست اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي پنجاب جو قبضو آھي  ان سرڪاري ظلم ۽ بربريت خلاف جدوجهد ڪرڻ تي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي.

هنن چيو ته هڪ پاسي جيئي سنڌ محاذ ضلعي اڳواڻ ساگر ملاح امتياز ڀٽي ٽن مهينن کان گم آھن  ٽي ڏينهن اڳ ڪراچي ڪورنگي مان نظام نوناري صدام نوناري پرويز شيخ کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي ته ٻئي پاسي ڪالهه مورو ۾ ڪئنالن خلاف پُرامن احتجاج تي  پوليس سڌيون گوليون هلائي زاهد لغاري کي شھيد ۽ عرفان لغاري کي زخمي ڪيو آھي جيڪا دهشتگردي آھي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته گهرو وزير  ضياء لنجار ان سڄي واردات کي ٻيو روخ ڏيڻ لاءَ هٿ وٺي پنهنجي بنگلي کي باھ ڏياري آھي پوليس کي شھرين تي گوليون هلائڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آھي.

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته هن واقعي جي سيشن جج نوشھرو فيروز جي سربراهي جڊيشنل انڪوائري ڪرائي وڃي ته پوليس ڪنهن جي چوڻ تي گوليون هلايون  سنڌ ماڻھو پنهنجي حقن لاءَ پرامن ڪن ٿا ته انهن تي سڌيون گوليون هلايون ٿيون وڃن.

اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته زاهد لغاري جي قتل ۽ زخمين جو ڪيس سيد مراد علي شاھ ۽ ضيا لنجار تي داخل ڪيو وڃي  درياھ بچائڻ، وسيلن جي وارثي لاءَ پرامن جدوجهد جاري رهندي سنڌ ماڻھو بي خوف ٿي پنهنجي حقن لاءَ پرامن جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.