اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عورتن جي ڪپڙن جي وڌندڙ اگهه جو معاملو قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو.
ايوان جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ايم اين اي شگفته جماڻي چيو ته برانڊ جو نالو ڏئي لوڪل ٽيڪسٽائل پنهنجا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، جيڪي ليڊيز سوٽ اڳ ۾ 7 کان 8 هزار رپين ۾ ملندا هئا، هاڻ 20 هزارن ۾ ملي رهيا آهن، ان تي چيڪ اينڊ بيلنس ڪير رکندو؟
هن چيو ته جيڪو گهران نڪري ٿو ٽيڪسٽائل جو ڪاروبار شروع ٿو ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو نالو ڏئي ٿو ڇڏي.
پارلياماني سيڪريٽري واپار ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته لوڪل مارڪيٽ ۽ ريٽيل مارڪيٽ تي اسان جو ڪو ڪنٽرول ناهي، لوڪل مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ جو سبب بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.
You might also like