ٽريفڪ نظام جي تباهي جا ذميوار ٽريفڪ اهلڪار آهن

تحرير: جميل چانڊيو

سنڌ پوليس ٽريفڪ جي ڊي آءِ جي ڪراچي سيد پير محمد شاهه سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي ٽريفڪ نظام کي جديد ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون آهن تن تي ڀتاگير، رشوت خور، ٽريفڪ عملدارن پاڻي ڦيري ڇڏيو، پير محمد شاهه جي ڪوششن سبب ڪراچي جو بدترين ٽريفڪ نظام ڪنهن بهتري طرف ويندي نظر اچي پيو پر ٽريفڪ پوليس اهلڪار عوام جي تحفظ ۽ نظام ٽريفڪ کي بهتر ڪرڻ بدران ڪراچي جي هر ننڍي وڏي چوراهي، چوڪ، شاهراهه ۽ روڊ رستن تي ڀتاگيري ۽ رشوت وٺندي سرعام نظر اچن ٿا، شاهراهه فيصل کان وٺي قومي شاهراهه جيڪا اندرون ملڪ کي ڳنڍي ۽ جوڙي ٿي تنهن تي آئي ڏينهن ٽريفڪ جو بدترين بحران نظر اچي ٿو، خاص طور تي قائدآباد، ڀينس ڪالوني موڙ، پورٽ قاسم، اسٽيل ٽائون جا چوراها صبح کان وٺي شام تائين بدترين ٽريفڪ جي جام ٿيندي معمول بڻجي ويو آهي.

ٽريفڪ پوليس کي اهو حڪم آهي ته هو رات 11 وڳي کان اڳ هيوي ٽريفڪ جنهن ۾ ٽرالر، ڊمپر، ڪنٽينر ۽ پاڻي جي وڏن وڏن ٽينڪرن کي شهر جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي آهي پر ملير جيڪو ڪراچي جي هڪ وڏي بندرگاهه، صنعتي زون ۽ اندروني ملڪ ملائيندڙ قومي ۽ ايم نائين موٽروي کي ٽريفڪ جي بحالي لاءِ ڳنڍي ٿو تنهن تي گاڏين جون قطارون نظر اچن ٿيون، عام شهرين کان وٺي اندرون شهر، صحت مرڪزن ۽ وڏين اسپتالن ۾ ايندڙ هنگامي جنهن کي ايمرجنسي طور کڻي چئجي تنهن جي مريضن کي تمام سخت اذيت کان وٺي ڪيترن ئي مريضن جون جانيون به هلي ويون آهن.

ڊمپر مافيا لاءِ ماڻهو مارڻ ڪو مسئلو نه آهي اسٽيل ٽائون موڙ جيڪو مقتول گاهه بڻيل آهي تنهن تي ڊمپر، ٽرالر ۽ هيوي ٽريفڪ هلندڙ سال ڏيڍ درجن کان وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائي ويون آهن، تازو اڱاري ڏينهن اسٽيل ٽائون موڙ تي بدمست ڊمپر هڪ معذور ويل چيئر مٿان ڊمپر چڙهي ويو ۽ هو معذور موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جنهن جي نه سڃاڻپ ٿي ۽ نه ئي ڪا مالڪي هو لاوارث طور تي فلاحي اداري جي معرفت سرد خاني حوالي ٿي ويو، عوام فرار ٿيندڙ ڊرائيور کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

آئي ڏينهن اسٽيل ٽائون موڙ تي ٽريفڪ اهلڪارن جي فوج تي نظر اچي ٿي پر هو عوام جي خيسن تي ڌاڙو هڻندي نظر اچن ٿا جيڪڏهن ٽريفڪ جو بهتر ۽ جديد نظام طرف سنڌ پوليس رٿابندي آهي ته هن شهر مان ٽريفڪ جي بحران تي ضابطو ۽ حادثن کان عوام کي بچائڻ لاءِ ڪو تحرڪ نظر نٿو اچي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صاحب ۽ خاص طور تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ سيد پير محمد شاهه کي هن اهم سنگين مسئلي طرف ڌيان ڏئي پنهنجي رٿابندي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڇڙواڳ، عوام دشمن ۽ رشوت خور ٽريفڪ اهلڪارن کي لغام ڏيڻو پوندو ته جيئن ٽريفڪ پوليس ٻوٿ ڪارين رڍن کي گرفت ۾ آڻي عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ نظام ٽريفڪ کي بهتري طرف آڻي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.