سياسي احتجاجن تي طاقت جو استعمال ۽ خراب ٿيندڙ حالتون

تحرير: ثوبيا کوسو

تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن جتي پرامن سياسي تحريڪن تي رياست طرفان طاقت جو استعمال ڪيو ويو آهي، ۽ انهن تحريڪن ۾ رياستن طرفان هزارين ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن سياسي تحريڪن جو رياست طرفان اهڙو ته سخت طريقي سان ڏنو ويو آهي جو انهي تشدد ۽ ظلم کي پڙهندي ئي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا،پر انهيءَ  ظلم ، تشدد انساني زندگي جي ضايع ٿيڻ بعد به اهي تحريڪون ختم ٿيڻ بدران نهايت ئي تيزي سان اڀريون، پرامن طريقي سان سياسي  احتجاج ڪندڙن تي تشدد صرف هتي جو نه پر تاريخ جي مطالعي مان  خبر پوندي آهي ته سموري دنيا ۾ اهي ويڌن ٿي چڪا آهن،

جيئن چين ۾ 1989 ۾ مشهور واقعو تيم پيش آيو، جڏهن بيجنگ جي فنگ دوئين يونيورسٽي جي شاگردن طرفان حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي وئي، 15 اپريل 1989 تي مظاهرين جو هڪ تمام وڏو تعداد ايمن نالي ميدان ۾ جمع ٿيو جتي انهن سياسي آزادي ۽ انساني حقن لاءِ آواز بلند ڪيو جنهن بعد سموري ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن ۾ تمام گهڻي شدت اچي وئي ۽ هر جڳهه تي ٿيندڙ احتجاجن کي ڏسي حڪومت انهن مظاهرن کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جي استعمال جو فيصلو ڪيو ۽ 3 جون 1989 تي مظاهرن تي فوج ڪاهي پئي ۽ مختلف ليکڪن موجب ان ڏينهن هزارين مظاهرين فوج هٿان ماريا ويا ۽ هزارين ماڻهو زخمي ٿيا، ۽ مارجي ويلن جي مڪمل انگ اکرن کي نهايت ئي سختي سان ظاهر ڪرڻ ته ڏنو ويو پر چيو وڃي ٿو ته ان ڏينهن هزارين ماڻهن کان زندگيون کسيون ويون،چين ۾ اڃان تائين انهيءَ واقعي بابت لکڻ تي سرڪاري طور تي پابندي لاڳو آهي.

آمريڪي سول رائٽس موومينٽ 1950 ۽ 1960 وارن ڏهاڙن ۾ شروع ٿي. هيءَ  تحريڪ  آفريڪي آمريڪن ۽ ٻين اقليتي گروهن جي حقن لاءِ هئي ۽ مڪمل طور پرامن تحريڪ هئي پر انهيءَ تي به رياست طرفان سخت تشدد ڪيو ويو، ايران جي سرسبز تحريڪ جيڪا ملڪ ۾ ٿيندڙ عوامي چونڊن ۾ ڌوڪي ۽ بدعنواني خلاف شروع ٿيل هن پرامن احتجاجي تحريڪ تي به رياست طرفان مظاهرين کي دٻائڻ لاءِ لڱ ڏاريندڙ تشدد ڪيو ويو، مصر جي انقلابي تحريڪ جيڪا 25 جنوري 2011 تي شروع ڪئي وئي جڏهن عوام حسني مبارڪ جي حڪومت خلاف پرامن مظاهرا شروع ڪيا ۽ انهن مظاهرين تي به سخت تشدد ڪيو ويو.

ڳالهه جو مقصد ته سڄي دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي رياستي تشدد جا مثال موجود آهن ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايترو ته رياستي جبر ڪيو ويو جو پرامن مظاهرو ڪندڙن جي لاشن جا ڍير لڳي ويا پر هتي اهو سوال به جنم وٺي ٿو ته ڇا رياستي جبر ۽ پرامن احتجاجي تحريڪن تي طاقت جي استعمال سان اهي تحريڪون ختم ٿي ويون؟ مڃان ٿي ته رياستي تشدد ڪجهه وقت لاءِ تحريڪن کي ماٺو ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ويندوآهي پر وري اهي تحريڪون ڪر موڙي اٿنديون آهن ته مجبور ٿي رياست انهن کي ڳالهين جي آڇ ڪندي آهي يا هٿيار ڦٽا ڪندي آهي، شايد انهن کي اها خبر ناهي هوندي ته رياستي تشدد عوام ۾  هڪ اهڙي نفرت ۽ باهه کي جنم ڏيندو آهي جيڪا جيڪڏهن ٻاهر نڪرندي آهي ته سڀ ڪجهه ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي.

گهڻو پري نٿا وڃون جيڪڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪريون ته سنڌي هڪ پرامن ۽ جهيڙن کان پري رهڻ واري قوم آهي، ائين به ناهي ته ڪو سنڌي قوم ماٺ ۾ هوندي آهي ، ون يونٽ مخالف تحريڪ ، ايم آر ڊي، ڪالاباغ ڊيم سميت مختلف تحريڪن  سنڌ مان ئي جنم ورتو آهي ۽ انهن جي ڪري ئي اهي تحريڪون ڪامياب ويون آهن، هر طرح جو ظلم جبر سهندي به  پنهنجي منزل طرف وڌنديون رهيون ۽ ڪامياب به ٿيون،

ويجهڙ ئي سنڌ ۾ سنڌو درياهه مان ڇهه ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج رهي ۽ اڃان آهي، ڪيترائي ڏينهن ٻٻرلو باءِ پاس بند رهيو جنهن بعد وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان  گڏجي هڪ اجلاس سڏرائي بعد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  اسان ڪينال منصوبو ختم ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد ئي ڪيترن ڏينهن کان بند پيل روڊ کوليا ويا، هڪ پاسي حڪومت طرفان ڪينال نه ٺاهڻ وارو اعلان ته ٻئي طرف وري ڪارپوريٽ فارمنگ نالي سنڌ جون زمينون مختلف غيرملڪي سرمائيدارن/ ڪمپنين ۽ رٽائرڊ فوجي جنرلن کي به ڏيڻ جا نوٽيفڪيشن نڪرندا رهيا، هيستائين سڀ ڪجهه پرامن طريقي سان ٿي رهيو هو، ڪنهن به احتجاج ۾ ڪا به گڙٻڙ يا رياستي طرفان طاقت جو استعمال نه ٿيو پر مسئلو موري واري احتجاج ۾ شروع ٿيو جڏهن ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ طرفان احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس ۽ ان سان گڏ پرائيوٽ سول ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب پنج کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪنن کي گوليون لڳيون ۽ هو سخت زخمي ٿي پيا جن کي نوابشاهه جي اسپتال آندو ويو ، اتي هڪ نوجوان زاهد لغاري زندگي جي جنگ هارائي ويو ۽ هڪ نوجوان عرفان لغاري کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جيڪو اتي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ورتل آهي، ۽ ٻين زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، نوجوان زاهد لغاري جي وارثن سندس لاش کڻي مورو بائي پاس تي ڌرڻو هنيو آهي جيڪو اڃان تائين جاري آهي، پوليس جي فائرنگ کان پوءِ مڇريل ماڻهن روڊ تي بيٺل گاڏين کي پڻ باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ گهرو وزير ضياء جي لنجار هائوس کي به باهه حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن سبب صورتحال اڃان به وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي، صبح جو سوشل ميڊيا تي ڪجهه لائيو وڊيوز هلي رهيون هيون جنهن ۾ لاش رکي ويٺلن مٿان به پوليس طرفان شيلنگ ٿي رهي هئي جيڪو نهايت ئي افسوسناڪ عمل آهي، رياست کي اهڙن احتجاجن مٿان تشدد نه ڪرڻ گهرجي.

 موري ۾ گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر کي باهه ڏيڻ کان پوءِ ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀري رهيا آهن ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي سمجهه ۾ نه پيون اچن، جيئن پوليس موجب ته گهرو وزير جي هائوس کي باهه مڇريل مظاهرين ڏني،هتي اهو سوال بار بار منهنجي ذهن ۾ پيو اچي ته آخر احتجاج واري هنڌ کان ٻه کان اڍائي ڪلوميٽر پري اهي مظاهرين ڪيئن پهتا؟ ۽ گهرو وزير جو گهر هو ته ائين خالي پيل ته نه هوندو، لازمي ڳالهه آهي ته اتي پوليس به موجود هوندي پوءِ جڏهن ڪجهه مظاهرين گهر اندر داخل ٿيا ته پوليس يا هائوس اندر موجود ماڻهن طرفان مزاحمت ڇو نه ڪئي وئي؟ ڪيئن انهن مظاهرين کي موڪل ڏني وئي ته اوهان ڀلي گهر ساڙيو، ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت طرفان به گهرو وزير جي گهر کي ساڙڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪئي پئي وڃي پر شهيد ۽زخمي ٿيل مظاهرين لاءِ هڪ لفظ به ناهي ڳالهايو ويو، ائين لڳي رهيو آهي ته زخمي ٿيل هن ملڪ جا رهواسي نه پر ڪنهن دشمن ملڪ جا رهواسي آهن جيڪي ملڪ جي ادارن جي هٿان مارجي ۽ زخمي ٿي ويا، نهايت ئي افسوس جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن اهو تشدد ۽ ظلم برقرار رهيو ته سنڌ جون حالتون بلوچستان کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.