اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪي پي جي وڏي وزير سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سڄي رات اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻو هڻڻ کانپوءِ خيبر پختونخوا جو وڏي وزير سهيل آفريدي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو، پر سندس چيف جسٽس سرفراز ڊوگر سان ملاقات نه ٿي سگهي.
چيف جسٽس سان ملاقات نه ٿيڻ تي وڏو وزير سهيل آفريدي، عليما خان، وڪيل چيف جسٽس جي سيڪريٽري جي آفيس مان واپس روانا ٿي ويا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته اسان جي ٻڌڻي نه ٿي، اسان کي چيف جسٽس طرفان پيغام مليو ته ”مان اوهان سان نٿو ملي سگهان.“
هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته اڄ نه قومي اسيمبلي ۽ نه ئي سينيٽ جو اجلاس هلڻ ڏينداسين، جڏهن ته ايندڙ اڱاري تي هاءِ ڪورٽ ۽ اڊيالا جيل ٻاهران به گڏ ٿينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.