ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي هڪ مختصر ٽوئيٽ سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي.
گذريل ڏينهن ڪرڪ انفو ڀارتي وومينز ليگ (ڊبليو پي ايل) جي آڪشن دوران هڪ ٽوئيٽ ڪئي، جنهن واهپيدارن کي تجسس ۾ وجهي ڇڏيو.
ڪرڪ انفو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ رڳو ايترو لکيو ته ”انوشڪا شرما کي 45 لک رپين ۾ جي جي خريد ڪري ورتو آهي.“
ٽوئيٽ ترت طور وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدار مختلف قسم جا تبصرا ڪرڻ لڳا، ڪيترن ماڻهن سمجهيو ته شايد اها خبر بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوھلي جي گهرواري انوشڪا شرما بابت آهي.
پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي، اِهو معاملو اصل ۾ ڀارتي ليگ ۾ ٿيل تازي نيلامي بابت هو، جيڪا دهلي ۾ ٿي.
نيلامي دوران جيڪا رانديگر سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي، اُها مڌيا پرديش جي نوجوان ڪرڪيٽر انوشڪا شرما هئي.
انوشڪا شرما پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ ۽ آف اسپن بالنگ سبب مقامي ڪرڪيٽ ۾ شهرت حاصل ڪري چڪي آهي.
نيلامي دوران سندس بنيادي قيمت ڏهه لک رپيا مقرر هئي، جنهن کان پوءِ گجرات جائنٽس هن کي 45 لک رپين حاصل ڪيو.
Prev Post
You might also like