اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليما خان پنهنجي ڀاءُ سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل انتظاميا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي
درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 24 مارچ تي جيل اختيارين کي واضع هدايتون جاري ڪيون هيون ته سندن عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي، پر جيل اختيارين عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو.
عليما خان جي درخواست ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ، وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ عدالتي فيصلي کي نظرانداز ڪرڻ تي ذميوارن خلاف توهينِ عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي.
You might also like