ڀارتي ميڊيا جو زهريلو ڪردار

تحرير: نديم علي خواجا

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سيز فائر هجڻ باوجود ڀارتي ميڊيا جو پنهنجي ئي ملڪ جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو سلسلو جاري آھي، ڀارتي ميڊيا عوام آڏو ڀارتي سرڪار جو موقف ايئن پيش ڪري رهي آھي، ڄڻ انڊيا پاڪستان کي شڪست ڏئي پاڪستان تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي، پر هاڻي ڀارت جي عوام ۽ دنيا پڻ ڀارتي ميڊيا جو اصل روپ ڏسي ورتو آھي، ڀارتي صحافي جڏهن هڪ ننڍي عمر جي ٻار کان ڪجهھ سوال پڇيا ته ٻار جو اهو ئي موقف هو ته دنيا ۾ هر ڪنهن کي زندھ رهڻ جو حق آھي، ننڍي ٻار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت ۾ مسلمان آباد آھن ته اهو هر گز وسارڻ نه گهرجي ته پاڪستان ۾ پڻ ھندو برادري جي اڪثريت آھي، جيڪي پنهنجي وطن سان محبت ڪن ٿا، ڌرتي سان سچا آھن، پر ميڊيا پرسن بار بار هن ٻار کي اهو چوندو رهيو ته هو پاڪستان خلاف ڪجهھ ڳالهائي، پر ٻار ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو ته هو ڪنهن به قيمت ۾ پاڪستان خلاف نعرو نه هڻندو، جنهن تي صحافي ڪاوڙ ۾ چيو ته تون ڀارت ۾ رهندي به پاڪستان جو دفاع ڪري رهيو آھين، ٻار مسڪرائيندي چيو ته نه مونکي شرم نٿي اچي، پر توهان جيڪو هندو مسلم جهيڙو ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آھيو، تنهن تي توهان کي شرم اچڻ گهرجي.

 افسوس انهيءَ ڳالهه جو آھي ته هڪ ٻار ڀارتي ميڊيا کي اهو ياد ڪرائي رهيو آھي ته ڀارت کي عبرتناڪ شڪست اچي چڪي آھي، پر توهان انهيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آھيو، ڀارتي ميڊيا شروع کان ئي غلط افواهون ڦهيلائي رهيو آھي، مگر هاڻي جنگ کانپوءِ پوري دنيا ڀارتي ميڊيا تي تنقيد ڪري رهي آھي، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ ھو ته جڏهن ڀارت پاڪستان جي وڏن شھرن تي قبضو ڪيو ته پاڪستان آمريڪه کي درخواست ڪئي ته ٻنهي ملڪن ۾ سيز فائر ڪرايو وڃي، ۽ آمريڪا جي چوڻ تي ٻئي ملڪ سيز فائر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، اها هڪ حقيقت آھي ته ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا، جيڪڏهن اها جنگ وڌي ها ته يقينن وڏو نقصان ٿئي ها، آمريڪا جي نائب صدر جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو، انهيءَ کانپوءِ جنگ بندي ٿي ويئي، ڀارتي وزير اعظم مودي جي جنگي جنون نه صرف ڀارت کي نقصان پهچايو آھي، پر خود مودي پنهنجي سياست کي پڻ نقصان پهچايو آھي، ڇوته ڀارتي ميڊيا جي مسلسل ڪوڙ ڀارتي عوام جي دلين ۾ سرڪار لاءِ نفرت پيدا ڪري ڇڏي آھي.

 ڀارت جون اپوزيشن پارٽيون پڻ مودي حڪومت تي تنقيد ڪندي مودي سرڪار کان اهو پڇي رهيون آھن ته آخر جنگ ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي، غير ملڪي ميڊيا جو چوڻ آھي ته ڀارتي ميڊيا جي غلط پرو پيگنڊا سبب ڀارتي سرمائيڪارن ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿي پيو آھي، مودي جي جنگي جنون سبب ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ کي پڻ تمام گهڻو نقصان پهتو آھي، رافيل جهازن جي ناڪامي سبب ڀارتي ڪرنسي کي پڻ نقصان پهتو آھي، انڊيا جي هڪ ارب پتي هرش گونيگا ڀارتي عوام کي معاشي خطري کان آگاھ ڪري ڇڏيو آھي، هن جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي ته ڀارتي ڪرنسي کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو، غير ملڪي سرمائيڪار محفوظ ملڪن ڏانهن هليا ويندا، جڏهن ته تيل سميت ٻين شين جي اگهن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو، پاڪستان جيڪو نقصان ڀارت جو ڪيو آھي، تنهن جو اعتراف خود ڀارتي سرڪار ڪري رهي آھي، ڀارتي ميڊيا ته اهي خبرون به هلايون ته ڀارتي فوج لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي وڏن شھرن تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي، پر اهو ڪوڙ جلد ئي پوري دنيا اڳيان ظاهر ٿي ويو، ايتري حد تائين جو چيچا وطني جي عوام حيران ٿي ويئي ته اسان جي شهر ۾ به انٽر نيشنل ايئرپورٽ آھي، ، بحرحال هاڻي ٻنهي ملڪن ۾ سيز فائر ٿي چڪو آھي، پر ڀارتي ميڊيا انهيءَ موقعي جي تلاش ۾ آھي ته ڪنهن به طريقي سان پاڪستان خلاف زهريلو ڪردار نڀائيندو رهي، پر هر ڀيري ڀارتي ميڊيا کي ڀارتي جنگ جيان عبرتناڪ شڪست ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.