هندستان کي طالبان مبارڪ

تحرير: محمد حنيف

سن 2008ع ۾ ممبئي حملن کان پوءِ، هندستان ۽ پاڪستان جون فوجون آمهون سامهون هيون. جڏهن هندستان پاڪستان تي حملي لاءِ ماحول ٺاھيو،ته افغان طالبان قيادت اعلان ڪيو ته اهي پاڪستان سان پنهنجا سڀئي اختلاف وساري پاڪستاني فوج سان گڏ وڙهندا.جنگ ٽري وئي، ان جي ڪجهه سالن بعد، جڏهن ممبئي حملي جي ملزم  اجمل قصاب کي ڦاهي ڏني وئي، تھ طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر هندستان کان بدلو وٺڻ جي ڌمڪي ڏني. پوءِ طالبان پنهنجي آزاديءَ جي جنگ ۾ مصروف ٿي ويا. جڏهن ته سندن پاڪستاني طالبان ڀائر پاڪستان کي جمهوريت ۽ آمريڪي غلامي کان نجات ڏيارڻ لاءِ اسان جي ڇانوڻين ۽ مسجدن تي حملا ڪندا رھيا.

هن جنگ ۾ اسان جون دليون ورهائجي ويل هيون. هڪ پاسي اسان جو ايمان هو، جنهن مطابق طالبان حق تي هئا،غارن مان لھي ايندڙ پاڪباز مجاهد،جيڪي اسان کي اصلي اسلام سيکارڻ آيا هئا ۽ ٻئي پاسي اسان جي رياست ۽ ان جي فوج  جيڪا اسان جي ۽ اسان جي ٻارن جي حفاظت جي واحد ضمانت هئي. اسان جا فوجي طالبان جي ٺڪاڻن تي  "الله اڪبر” جا نعرا هڻي حملو ڪندا ھئا تھ جوابي حملن ۾  طالبان پڻ "الله اڪبر” جا نعرا هڻندا ھئا.اسان جو ڪنفيوز ٿيڻ فطري ڳالھھ ھئي. پوءِ، اسان پنهنجي دلين جي تسلي لاءِ، سٺن۽ خراب طالبان ۾ فرق ڪرڻ شروع ڪيو. ڳالهيون ڪيون، امن معاهدا ٿيا. اسان سوات وادي انهن جي حوالي ڪري ڇڏي، ته،ڀلي هتي ننڍڙي کن خلافت قائم ڪري وٺو.موجوده وزيراعظم شهباز شريف طالبان کي اپيل ڪئي ته بس! پنجاب تي حملا نه ڪريو. طالبان اسڪول ويندڙ نياڻين جي چھرن تي فائر کوليا، جڏهن ملالھ بچي وئي، تڏهن به اسان چيو ته اهو طالبان ڪري ئي نٿا سگهن،ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي ائين ڪن ھا ته پوءِ هوءَ  زندھ ڪيئن بچي وڃي ھا.

پر جڏهن  اي پي ايس،پشاور ۾ اسان جي ٻچن جو  قتل عام ٿيو، اسان 150 کان وڌيڪ ننڍا تابوت کنيا،تڏھن  طالبان جو خوف اسان جي هڏن ۾ پيھي ويو. اسان بدلي وٺڻ اٽل ارادو ڪيو.نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو، سالن کان بند ڦاھي گهاٽ کوليا، پر دل  جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾، رياست جي سيڪيورٽي پاليسي جي ڪنهن شق ۾ ايتري گنجائش باقي ھئي تھ طالبان اڳواڻ احسان الله احسان کي پنھنجي تحويل مان آزاد ڪرائي ٻاھرين ملڪ پھچائي ڇڏيو.پوءِ، آخر ٻن ڏهاڪن کان پوءِ، جڏهن طالبان آمريڪا کي افغانستان مان ماري ڀڄايو۽ ڪابل تي قبضو ڪيو، ته هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي دلين مان، فتح مبين تي مبارڪباد جو آواز نڪتو.اسان جي موجوده دفاع واري وزير خواجه آصف فرمايو  ھو  "طاقتون توهان جون آھن ۽ خدا اسان جو آهي، الله اڪبر.”عمران خان غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جو اعلان ٻڌايو، آءِ ايس آءِ جو سربراهه جنرل فيض حميد هڪ فاتح وانگر ڪابل پهتو ۽ دنيا جي ميڊيا جي سامهون بيھي ڪري چيو ته هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.اڄ عمران خان جيل ۾ آهي ۽ فيض حميد ڪورٽ مارشل کي منهن ڏئي رهيو آهي،اسان جو وزير دفاع هر روز افغانستان کي سبق سيکارڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿو.۽ هاڻي، تازي ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾، هندستان ۽ طالبان ٻانھن ۾ ٻانھون وجھي

الفت جي ھڪ نئين منزل ڏانهن وڌي رهيا آهن. طالبان ُگر سکي ورتا آھن ۽ هاڻي اهي غارن ۾ نه پر محلن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ويٺا آهن. اڃان نياڻين کي اسڪول وڃڻ نٿا ڏين، پر  پرڏيهي عورت اھلڪان سان ملن ٿيون، مسڪرائين بھ ٿا ۽ فوٽو به ڇڪرائين ٿا. هندستان سان دوستي ٿي وئي تھ جئي شري رام جي نعرن تي به هٿ لوڏي وجھندا.هندستان جا همدرد دوست ڪڏهن ڪڏهن پڇندا هئا ته پاڪستان ۾ طالبانائيزيشن کي ڪيئن روڪيندا.پاڪستان جي ڪوشش اڃا  جاري آهي. طالبان پنهنجي آزادي پنھنجي ٻَل تي حاصل ڪئي آهي، پر هندستان ۾ انهن جي نون دوستن کي  خيال رکڻ گهرجي ته سڀاڻي اهي توهان کي ئي آزاد ڪرڻ لاءِ نه نڪري پون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.