پاڪستان سان جنگبندي ٻه طرفي هئي، ٽرمپ جو ڪو ڪردار ناهي: ڀارت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو آهي ته پاڪ – ڀارت جنگبندي قطعي طور ٻه طرفي هئي، ٽرمپ جو ان ۾ ڪو ڪردار نه هو.
ڀارتي ميڊيا موجب پارلياماني ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي وڪرم مسري وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪنهن ايٽمي حملي جو اشارو نه ڏنو هو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تڪرار روايتي جنگ جي دائري ۾ رهيو، اسلام آباد مان ڪنهن ايٽمي ڌمڪي يا اشاري جو شاهديون نه مليون.
ڀارتي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڀيرا پاڪ – ڀارت جنگبندي جي دعويٰ ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.