آمريڪا جي ڊاڪٽرن دنيا جي پهرئين انساني مثاني (Bladder) جي ڪامياب پيوندڪاري (ٽرانسپلانٽ) ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
اها انقلابي سرجري 4 مئي تي لاس اينجلس ۾ واقع رونالڊ ريگن يو سي ايل اي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪئي وئي.
اها پيچيده سرجري 41 ورهين جي آسڪر لاريانزار جي ڪئي وئي، جيڪو ڪينسر سبب پنهنجي مثاني جو ڪافي حصو ڪڍرائي چڪو هو ۽ پوءِ ٻئي گُردا به وڃائي ويٺو هو ۽ هو گذريل 7 ورهين کان ڊائلاسز تي هو.
سرجنز هڪ ئي وقت کيس عطيو ٿيل گُردا ۽ مثانو ٻنهي کي سندس جسم ۾ لڳايو، آپريشن لڳ ڀڳ 8 ڪلاڪ جاري رهيو.
ڊاڪٽر نيما ناصري ٻڌايو ته گُردا فوري طور ڪم ڪرڻ لڳا ۽ مريض جو گردن جو نظام بنا ڊائلاسسزجي بحال ٿي ويو، پيشاب نئين مثاني ۾ صحيح طريقي سان منتقل ٿيو، جيڪو ان آپريشن جي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي.
سرجنز موجب انساني جسم ۾ رت جي نالين جي پيچيده جوڙجڪ سبب اڳ ۾ ڪڏهن مڪمل مثاني جي پيوندڪاري ممڪن نه هئي.
ڊاڪٽر ناصري ۽ سندس ساٿي ڊاڪٽر اندر بير گل ٻڌايو ته هي ڪامياب آپريشن 4 ورهين جي تحقيق، تياري ۽ تجربن جو نتيجو آهي.
ماضيءَ ۾ مثاني جي مريضن لاءِ آنڊن مان مصنوعي مثانو ٺاهيو ويندو هو يا اسٽوما بيگ لڳايو ويندو هو، جيڪو ڪيترن ئي خطرن جو سبب بڻجندو هو.
هاڻ هن ڪامياب تجربي کان پوءِ مثاني جي پيوندڪاري انهن مريضن لاءِ اميد جو نئون ڪرڻو بڻجي چڪي آهي، جيڪي مثاني جي بيمارين ۾ مبتلا آهن.
You might also like