ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل (Field Marshal) هڪ اعليٰ ترين فوجي عهدو آهي، جيڪو عام طور تي ڪنهن ملڪ جي هٿياربند فوج ۾ ڏنو ويندو آهي.
اهو عهدو جنرل کان به مٿانهون هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري اهو اعزازي طور تي اُن آفيسرن کي ڏنو ويندو آهي، جن جنگين ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون هجن يا جن قومي دفاع ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هجي.
اڄ وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ جنرل عاصم منير ٻيو آفيسر آهي جنهن کي فيلڊ مارشل بڻايو ويو آهي، ان کان اڳ 1959ع ۾ صدر جنرل ايوب خان کي اِهو عهدو ڏنو ويو هو.
سرڪاري طور تي جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو عهدو آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي ڪامياب حڪمت عمليءَ جي اعتراف طور ڏنو ويو آهي.
فيلڊ مارشل جو اعزاز پاڪ فوج اندر غيرمعمولي ۽ مثالي قيادت جي حوالي سان ڏنو ويندو آهي.
هن عهدي سان ڪنهن خاص ڪمان جي ذميواري لاڳو نه هوندي، پر اهو رڳو هڪ اعزاز جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
فيلڊ مارشل پاڪ فوج ۾ جنرل جي رينڪ کان مٿانهون ۽ سڀ کان وڏي رينڪ وارو عهدو آهي ۽ فيلڊ مارشل فوجي آفيسرن ۾ سڀ کان سينيئر فائيو اسٽار آفيسر هوندو آهي.
You might also like