سينيٽ ۾ ڪامران مرتضيٰ ۽ انوار ڪاڪڙ ۾ جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ڪامران مرتضیٰ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. سابق نگران وزيراعظم ۽ سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سينيٽر ڪامران مرتضیٰ جي وچ ۾ سينيٽ جي اجلاس دوران سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي وئي. سينيٽ اجلاس دوران ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ايتري وڌي وئي جو ٻين ميمبرن کي اچي ٻنهي کي ويهارڻو پيو. سينيٽر ڪامران مرتضیٰ ڳالهائيندي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 18 مئي جي رات بار ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري عطاالله بلوچ کي اغوا ڪيو ويو. هن چيو ته وڪالت هڪ مقدس پيشو آهي، اهڙي قدم سان ان جي توهين ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ قومي يڪجهتي جو ماحول قائم آهي، ان کي جاري رهڻ ڏنو وڃي. ان تي اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جواب ڏيندي چيو ته سينيٽر ڪامران مرتضیٰ پاڻ ئي جج بڻجي ويا آهن ۽ چون پيا ته اغوا ۾ سيڪيورٽي فورسون ملوث آهن، مان ان بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ان تي سينيٽر ڪامران مرتضیٰ پڇيو ته ڇا توهان هتي سيڪيورٽي فورسز جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته "ها، مان نمائندگي ڪريان ٿو۔” ان کان پوءِ ٻنهي سينيٽرن جي وچ ۾ سخت لفظي تڪرار ٿيو، جنهن تي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ هدايت ڪئي ته ٻنهي اڳواڻن کي چيئر کي مخاطب ڪري ڳالهائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.