جنرل عاصم منير رياست جي مقبول ترين شخصيت بڻجي ويو

اسلام آباد (سهيل وڙائچ)تازي پاڪ-ڀارت تڪرار کان پوءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪنهن به سياسي خواهش يا ڪوشش کانسواءِ رياست جو سڀ کان اهم ۽ مقبول اسٽيڪ هولڊر بڻجي چڪو آهي، ملڪ جي روايتي سياسي قيادت، يعني نواز شريف، آصف زرداري ۽ عمران خان، اڃا تائين زندهه ۽ سياسي طور موجود آهن، پر وقت هاڻ انهن جي هٿن مان نڪري رهيو آهي.نوان چهرا، جهڙوڪ بلاول ڀٽو، مريم نواز، ۽ عمران خان جا پٽ آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن. خاص طور جنرل عاصم منير جي غير سياسي هئڻ باوجود عوامي مقبوليت ۾ واڌاري سبب سياسي قيادت لاءِ رستو وڌيڪ ڏکيو ٿي رهيو آهي. تازي جنگ دوران عوامي سطح تي جنرل عاصم جي حق ۾ لڳندڙ نعرا ظاهر ڪن ٿا ته مستقبل ۾ فوج جو اثر سياست تي وڌيڪ هوندو،پي ٽي آءِ تي جنگ دوران فوجي موقف جي کلي حمايت نه ڪرڻ تي تنقيد ٿي رهي آهي، جڏهن ته عمران خان جا پٽ به صرف پنهنجي پيءُ جي آزادي لاءِ بين الاقوامي سطح تي سرگرم ٿيا. ساڳئي وقت فوجي اسٽيبلشمينٽ واضح طور 9 مئي جي واقعي کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي.ٻئي طرف، بلاول ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي جي قيادت سنڀالي آهي، پر فوج سان لاڳاپن ۾ اڳي جيتري ويجهڙائي نه رهي آهي. مراد علي شاهه جي ڪارڪردگي سٺي هجڻ باوجود، پارٽي اندر بااثر عورت کي اڳتي آڻڻ جون ڳالهيون به هلي رهيون آهن. بلاول جي مستقبل ۾ وزيراعظم ٿيڻ لاءِ پنجاب مان گهٽ ۾ گهٽ 30 سيٽون حاصل ڪرڻ لازمي آهن، جيڪا رڳو پارٽي جي بحالي سان ممڪن آهي.نواز شريف جي جانشيني لاءِ مريم نواز تيزيءَ سان اڳتي اچي رهي آهي، جنهن جا فوج سان لاڳاپا به بهتر ٿين پيا شهباز شريف سياسي طور خاموش آهي ۽ مريم کي اڳتي آڻڻ ۾ رنڊڪ نه پيو بڻجي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو20 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.