خير محمد آريجا (رپورٽ: عطا محمد شاهه) ڳوٺ نيڪ محمد ٻرڙو لڳ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن ٻن موٽرسائيڪل سوار نوجوانن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو نيڪ محمد ٻرڙو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي غلام ٻرڙو معجزاڻي طور بچي ويو. فائرنگ جو واقعو دوست جي تعزيت کان موٽندي هڪڙا پتڻ وٽ پيش آيو. اطلاع تي پوليس ۽ وارث واقعي واري هنڌ پهتا، لاش کي ڏوڪري اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پوليس مقتول جي پيءُ دين محمد ٻرڙو جي فرياد تي پنجل ٻرڙو سميت پنج ڄڻن خلاف حسن واهڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو.