پاڪ بحريه خطي ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪري ڇڏيو: وزيراعظم

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي فوج دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو، جيڪو هو قيامت تائين نه وساريندو، سامونڊي فوج هن ڀيري به دوارڪا جي تاريخ ورجائڻ لاءِ تيار هئي، پر بحريه جي تيارين کي ڏسي دشمن جي همت نه ٿي، رافيل جهازن جو حشر ڏسي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا، ڪراچي ۾ نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سڄي قوم رڪ جي ڀت وانگر پنهنجي فوجن سان گڏ بيٺل هئي ۽ اڄ به بيٺي آهي، هي تاريخ جو اهڙو قابل فخر واقعو آهي، جنهن پاڪستان کي نه رڳو ماضي ۾ پر مستقبل لاءِ به ناقابلِ تسخير بڻائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته هي ڪاميابي پاڪ فوج جي مربوط حڪمت عملي، خاص طور تي سپه سالار جنرل سيد عاصم منير جي بهترين رابطي ۽ رهنمائي جو نتيجو آهي، جنهن پوري قوم جي عزم ۽ حوصلي کي نئين توانائي بخشي آهي، وزيراعظم چيو ته مان هن موقعي تي پي اين ايس مهراڻ جي شهيد ليفٽيننٽ ياسر کي سلام پيش ڪريان ٿو، جنهن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي دشمن جي سامهون سينو تاڻي قرباني ڏني، پر پاڪستان جي وقار ۽ بحري اثاثن تي آنچ نه اچڻ ڏني، هي سڀ غازي ۽ شهيد اسان جي قوم جو سرمايو ۽ فخر آهن، هن جو چوڻ هو ته اسين هڪ امن پسند قوم آهيون ۽ پنهنجن سڀني تڪراري مسئلن جو پرامن حل چاهيون ٿا، پر جيڪڏهن اسان تي ٻيهر جنگ مڙهي وئي ته دشمن کي هميشه تيار ملنداسين، اسان وٽ جارحاڻي پاليسي نه آهن، پر اسان پنهنجي پياري وطن جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ خوب ڄاڻون ٿا، وزيراعظم ڪراچي پهچي پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي آرمي چيف، نيول چيف ۽ ايئر چيف موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.