ڪڻڪ خريداري ۾ 200 ارب رپين جون گهوٻيون، نيب ۽ سي ايم ٽيم پاران جاچ

 ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ جي خوراڪ واري  ۾ 2022ع کان 2024ع تائين ڪڻڪ جي خريداري ۾  200 ارب روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته نيب ۽ سي ايم انسپيڪشن ٽيم اعليٰسطحي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي,روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزن موجب خوراڪ کاتي سنڌ پاران ڪڻڪ جي خريداري ۾ وڏيون مالي بد عنوانيون سامهون آيون آهن, خوراڪ کاتي رڳو 2022ع , کان 2024ع تائين ڪڻڪ جي خريداري ۾ 200 ارب روپين کي رڳڙو ڏنو آهي ,خوراڪ کاتي جي پنهنجي ئي انسپيڪٽر معاملي جو ڀانڊو ڦاڙيندي لکت ۾ شڪايت داخل ڪئي آهي جنهن بعد تحقيقاتي ادارا حرڪت ۾ اچي ويا آهن,دستاويزن موجب خوراڪ کاتي جي انسپيڪٽر بشير مينگل جي لکت ۾ ڏنل شڪايت تي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي ويئي آهي,هن جي شڪايت موجب ڪڻڪ جي خريداري جي نالي تي مختلف بينڪن کان اربين رپين جا قرض وٺي ڪڻڪ خريد ڪئي ويئي, پر جڏهن فزيڪل چڪاس جو معاملو سامهون آيو ته لکين ٻوريون گودامن مان غائب هجڻ جا پول کلي ويا  ۽ جيڪي ٻوريون گودامن ۾  موجود هيون انهن مان ڪڻڪ جي بدران مٽي ۽ واري ڀري چوري کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي,دستاويزن موجب خوراڪ کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪري پنهنجن مخالف ملازمن خلاف قدم کنيا ۽ پاڻ ۽ پنهنجن سمورن ساٿين کي بچائي معاملي کي دٻائي ڇڏيو,جنهن بعد نيب ۽ سي ايم آئي ٽي خوراڪ کاتي جي  سيڪريٽري  کي خط لکيو ته سڄي معاملي جا سمورا تفصيل فراهم ڪيا وڃن ۽ ان وقت تائين جيڪا تحقيقات ٿي آهي ان جو سڀ ريڪارڊ ڏنو وڃي , اهو پڻ ٻُڌايو وڃي ته  ان وقت تائين ملوث ڪيترن ملازمن خلاف قدم کنيا ويا, ۽ سي ايم انسپيڪشن ٽيم جيڪا پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ان جو به رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي. خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کان شڪايت ڪندڙ انسپيڪٽر بشير مينگل جو به ريڪارڊ ۽ سندس موجوده حيثيت بابت سمورا تفصيل گهريا ويا آهن, خوراڪ کاتي واري سيڪريٽري کي لکيل  خط ۾ چيو ويو آهي ته  سنڌ جي گودامن ۾ هن وقت تائين موجود ڪڻڪ جي ذخيرن جا سمورا تفصيل پڻ فراهم ڪيا وڃن ته ڪيترن گودامن ۾ ڪيتري ڪڻڪ رکيل آهي , خوراڪ کاتي کان نيب ۽ سي ايم آءِ  ٽي اختيارين 2022ع  کان اڄ ڏينهن تائين هر سال لاءِ ٿيل ڪڻڪ جي خريداري جو ريڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي, ليٽر ۾ اهو پڻ پڇو ويو آهي ته ڪڻڪ جي خريداري توڙي ملز کي جاري ڪيل ڪوٽا بابت حڪومت جي پاليسي کان به آگاهي ڏني وڃي,ڪڻڪ جي خريداري ۽ انهيءَ حوالي سان ڏنل سبسڊي بابت پڻ تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.