راولپنڊي(م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي برقرار رهڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي، هڪ آمريڪي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اميد آهي ته پاڪ-ڀارت جنگ بندي جاري رهندي، پاڪ-ڀارت هاٽ لائن کليل آهي، هن چيو ته چار ڏينهن تائين ميزائل ۽ فضائي حملا ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي سينيئر آفيسرن جي وچ ۾ هاٽ لائن تي رابطي جو سلسلو جاري رهيو، تنهنڪري اميد آهي ته سرحد تي امن برقرار رهندو، ڀارتي حملن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن بابت پاڪستان تمام شفاف رهيو آهي ۽ اميد آهي ته ڀارت به اهڙي ئي شفافيت اختيار ڪئي هوندي، ان کان اڳ ترڪ نيوز ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان هن وقت دنيا جو سڀ کان وڌيڪ دهشت گرديءَ جو شڪار ملڪ آهي، جنوري 2024 کان وٺي هن وقت تائين 3700 کان وڌيڪ دهشت گردي جا واقعا پيش اچي چڪا آهن، ۽ هن سڄي دهشت گردي جي سرپرستي ۽ همٿ افزائي ڀارت طرفان ڪئي پئي وڃي، گذريل 17 مهينن دوران دهشت گردي جي واقعن ۾ 3896 ماڻهو شهيد ٿيا، جن مان 2582 شهيد عام شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار آهن، پاڪ فوج ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير يا ڀارت ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڀارت جو اندوروني مامرو آهي، جڏهن ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي، هن چيو ته اسان هڪ امن پسند قوم آهيون، پر جيڪڏهن ڀارت اسان کي اُڪسايو يا حملو ڪيو ته اسان جو ردعمل انتهائي تيز هوندو، حقيقت اها آهي ته ڀارت آمريڪا ناهي ۽ پاڪستان افغانستان ناهي، ڀارت اسرائيل ناهي ۽ پاڪستان فلسطين ناهي، پاڪستان ڀارتي تسلط آڏو ڪڏهن به نه جهڪندو، ڀارت جيترو جلدي سمجهي وٺي، اهو علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ بهتر ٿيندو.