راڌڻ/ دادو (رپورٽ: ھريش ڪمار / غوث جھتيال) راڌڻ ڀرسان ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ منگي جا ڀاڻ وٽ ھٿياربند مبينا پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي مٿان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ناري سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته نوجوان زخمي ٿي پيو، چيو وڃي ٿو ته راڌڻ جي ريلوي ڪالوني شيڊ انجڻ واسين تي موٽرسائيڪل سوار ٽن جوابدارن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مبينا پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري سپنا جانوري ۽ نوجوان خالد سولنگي موقعي تي مارجي ويا ، جڏهن ته ناري سان پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان معشوق سولنگي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس ٽن ڪلاڪن بعد پهچي قتل ٿي ويل ناري ۽ نوجوان خالد جا مڙهه ٿرڙي محبت ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو، مارجي ويل خالد حسين سولنگي ٿرڙي محبت لڳ نواب جي پٽ جو رهواسي آھي، جيڪو پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان معشوق سولنگي جو ڀاڻج ھو، پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش سندن وارثن حوالي ڪيا، چيو وڃي ٿو ته معشوق سولنگي ۽ سپنا جانوريءَ پسند جي شادي لاءِ چار ڏينهن اڳ گهران نڪري ويا هئا، جيڪي ڪالهه عدالت ۾ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ مٿن حملو ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ شاهدن جا بيان ورتا پيا وڃن، جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، واقعي بعد سولنگي ۽ جانوري برادري وچ ۾ تڪرار وڌيڪ تيز ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.