اسلام آباد (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هاڻ اسان کي بنيان مرصوص کي دهشتگردي ڏانهن موڙڻو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي اسلام آباد جي شاگردن ۽ استادن سان خاص ويهڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ هن نوجوانن جي ملڪ لاءِ ڪوششن کي انتهائي اهم قرار ڏنو، ملڪ جي استادن کي پاڪ فوج پاران سلام پيش ڪيو ويو، ڊي جي آءِ ايس پي آر نوجوانن جي ملڪ لاءِ ڪوششن کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي فوج عوام مان آهي ۽ عوام پاڪستان جي فوج مان آهي، جيڪا شيهي جي ڀت آهي، دراصل اها هن ملڪ جو عوام ۽ ٻار آهن، هي نسل ۽ اسان کانپوءِ توهان جو نسل به هن ملڪ جي حفاظت کان ڪڏهن به پري نه هٽندو، پاڪستان امن جو گهوارو آهي، پاڪستان جي ڪاميابي اصل ۾ امن جي ڪاميابي آهي، هن شاگردن کي دشمن جي ناپاڪ ارادن کان آگاهه ڪندي اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ پاڪستان جي فتح حقيقت ۾ امن جي فتح آهي، جنهن انداز سان عوام پاڪستان ۽ پاڪ فوج سان محبت جو اظهار ڪيو، ان ڪري پوري ڀرپور اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان جو مستقبل نه رڳو محفوظ آهي، پر تمام روشن ۽ تابناڪ به آهي، هن چيو ته جيڪي چوندا هئا فوج پنهنجو ڪم نه پئي ڪري، توهان انهن کان سوال ڪيو ته فوج پنهنجو ڪم ڪيو يا نه؟ ڇا اهڙن ماڻهن جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي فوج خلاف ڳالهيون ڪندا هئا، هن جو چوڻ هو ته ماڻهو اوهان کي چوندا هئا ته اهي (فوجي) پنهنجو ڪم نٿا ڪن، اڄ انهن کان سوال ڪيو ته ڇا فوج پنهنجو ڪم ڪيو يا نه؟ ڇا اوهان اڄ انهن ماڻهن کي ذميوار نه ٿا سمجهيو، جيڪي پنهنجي ئي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن خلاف ڳالهيون ڪندا هئا؟، پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ نظر ايندڙ دهشتگردي پويان ڀارت آهي، اسان کي متحد ٿي هاڻ بنيان مرصوص دهشتگردي ڏانهن موڙڻو آهي، عوام ۽ فوج گڏ ٿيندا ته ملڪ ۾ ڪو دهشتگرد نه بچندو.