راولپنڊي (م ڊ) گذريل ڏينهن پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي ٻيهر شروعات ٿي، جتي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 27هين ميچ دوران پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز آمهون سامهون ٿيون. پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي ڪراچي ڪنگز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ميچ دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل احمد شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به اسٽيڊيم ۾ موجود هئا. شروعات ۾ ڳائڻي ساحر علي بگا ۽ اسرار شاهه سر وکيريا. ياد رهي ته ڀارت سان ڇڪتاڻ سبب پي ايس ايل کي اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪيو ويو هو. هاڻي آخري چار ميچون راولپنڊي ۾، جڏهن ته پلي آف ۽ فائنل قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿينديون.