6 مئي تي عمران سان غيرسياسي شخصيت جي ملاقات،ڊيل جا اطلاع

اسلام آباد(نجم سيٺي)پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ تڪرار دوران ذريعن موجب  6 مئي تي عمران خان سان هڪ ڳجهي ملاقات ٿي، جيڪا ڪنهن سياستدان سان نه، پر ڪنهن غير سياسي شخصيت سان ٿي. اها ملاقات ڀارت سان وڌندڙ تڪرار جي ڏينهن دوران ٿي، ۽ ان جو مقصد عمران خان کي بريفنگ ڏيڻ هو ته ملڪ کي هن وقت قومي اتحاد جي ضرورت آهي، ۽ پاڪستان جي فوج خلاف سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کي گهٽايو وڃي،ان ملاقات دوران عمران خان کي نه رڳو سيڪيورٽي بابت معلومات ڏني ويئي،پر کيس اهو به چيو ويو ته هو پنهنجي ساٿين کي خاص طور تي ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺل ماڻهن کي فوج خلاف ڳالهائڻ کان روڪي. عمران خان طرفان پڻ اتفاق ظاهر ڪيو ويو ته هو قوم لاءِ هن اهم وقت ۾ اتحاد لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين ۾ “ايم او يو” جهڙي مفاهمت ٿي، عمران خان چاهي ٿو ته سندس آزادي ڪنهن پردي پٺيان ڊيل نه پر عدالتي طريقي سان ٿئي پر ملاقات ۾ اهو طئي ٿيو ته جيڪڏهن صورتحال ٺيڪ رهي ته سندس آزادي جي رستي ۾ به اڳڀرائي ٿيندي.ان ملاقات کان پوءِ ڪجهه اهم تبديليون ڏٺيون ويون:پاڪستان ۾ Twitter تي لڳايل بندش هٽائي ويئي، آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل شهباز گل پاران به پنهنجن حامين کي هدايت ڏني ويئي ته فوج سان محاذ آرائي کان پاسو ڪيو وڃي.عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي ڊگهي وقت کانپوءِ اوچتو ملاقات جي اجازت ملي، جيڪا اڳ بند هئي. ان مان لڳي ٿو ته اندروني رابطن ۾ به نرمي آئي آهي.

  • عمران خان اهم شخصيت سان ملاقات جو ڪو ذڪر ناهي ڪيو: عليما خان

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو ته عمران خان ڪنهن اهم شخصيت سان ملاقات جو ڪو ذڪر ناهي  ڪيو. عليما خان ٻڌايو ته ڪيترا مهينا ٿي ويا آهن پر اڊيالا جيل ۾ سندس ۽ ٻين ڪيسن جون ٻڌڻيون روڪيل آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هوءَ عدالت کان انتظار ڪري ٿي ته جج صاحب ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اچن ته هو پڻ عدالت ۾ وڃي سگهي. عليما خان چيو ته سندس خلاف 50 کان 60 ڪيس درج آهن ۽ سندس گناهه رڳو عمران خان جا پيغام پهچائڻ آهي. هوءَ گذريل پنجن ڏينهن دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اي ٽي سي ۾ پيش ٿي چڪي آهي ۽ عدالت کي قائل ڪرڻ ۾ ٻه ڪلاڪ لڳا ته کيس سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

  • عمران آزاد ٿي ويو ته ڪهڙي قيامت ايندي؟

لنڊن(انيق ناجي) نجم سيٺي صاحب جي خبر مطابق اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اهم شخصيت جيل ۾ وڃي عمران خان سان ملاقات  ڪئي، ۽ ان ملاقات ۾ عمران خان کان سهڪار جي اميد ڪئي وئي، عمران خان ان ملاقات ۾ چيو ته ”ظاهري ڳالهه آهي، جنگ جي صورتحال آهي، ته پي ٽي آءِ حڪومت ۽ فوج سان گڏ آهي.” ان تي ان اسٽيبلشمينٽ جي نمائندي چيو: “Thank you very muchاسان کي اوهان کان اها ئي اميد هئي.”نجم سيٺي صاحب مطابق، ان ملاقات کان پوءِ رابطا وڌيا ويا، ۽ نيڪ نيتين جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ممڪن آهي ته ايندڙ ٻن مهينن اندر يا ٿورو اڳتي هلي عمران خان جي آزادي ممڪن ٿي سگهي ٿي.هاڻ ان تي ردعمل اچي رهيو آهي. هڪ پاسي حڪومت ۾ شامل پارٽين ۾ پريشاني آهي، ٻي پاسي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي به عجيب ردعمل اچي رهيو آهي ،هر قسم جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي دم تي بيهي گوڙ ڪري رهيا آهن، ترديدون ڪري رهيا آهن ته ايئن ڪجهه ناهي ٿيو.پهرين ڳالهه ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ناقابل يقين واقعن سان ڀري پئي آهي، هتي ايئن چوڻ ته ”اهو ٿي ئي نٿو سگهي“ بيوقوفي آهي.اقتدار ۾ ويهي به اوهان عمران خان جي مقبوليت گهٽ نه ڪري سگهيا آهيو، ته هاڻ ڇا ٿيندو؟عمران خان اگر ٻه مهينا نه، ته هڪ سال بعد به ٻاهر ايندو. پوءِ وري ڇا ٿيندو؟ جلسا، جلوس، ماحول گرم ٿيندو، ۽ چونڊون ويجهي اچڻ لڳنديون. اهو ئي ته جمهوريت جو طريقو آهي.

  • عمران سان جيل اندر عسڪري شخصيت جي ملاقات واري ڪھاڻي ڪوڙي ؟حڪومتي ذريعا

اسلام آباد( فخر دراني) خبرون آھن تھ ٻن اھم عسڪري شخصيت پاران 6 مئي تي عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي وئي  ۽ اھم بريفنگ ڏني وئي. ان ملاقات دوران عمران خان ٽوئٽر کولڻ جو مطالبو ڪيو نتيجي ۾ 7مئي تي اھو کلي ويو.بعد ۾ پي ٽي آئي جي سمورن اڪائونٽس پاران پاڪ فوج جي حمايت ڪئي وئي. اھا خبر نجم سيٺي پاران بريڪ ڪئي وئي.ان حوالي سان خبر جي تصديق لاءِ حڪومتي ذريعن سان رابطو ڪيو ويو تھ انھن ان کان مڪمل لاتعلقي ڏيکاري آھي تھ اھڙو ڪجھھ نھ ٿيو آھي نھ وري ڪا اھڙي اڳڀرائي  ٿيڻ جو ڪو امڪان آھي.منھنجي اھم ذريعن پاران بھ ٻڌايو ويوآھي تھ عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڪا بھ  رابطي ڪاري ناھي ٿي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پاران ڪوششون ٿي رھيون آھن تھ اسٽيبلشمينٽ ساڻن رابطو ڪري بيشڪ اھو محسن نقوي وسيلي ئي ڪيو وڃي جنھن کي عمران خان رجيم چينج جو ڪردار سڏيندو رھيوآھي.پر اسٽيبلشمينٽ ھن وقت پي ٽي آءِ سان ڳالھين جي موڊ ۾ ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.