حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين چيو آهي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻو نه پهريون ڌرڻو هو ۽ نه ئي آخري، سنڌو درياهه تي ڌاڙو اڃا لڳي پيو، سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي اچي درياهه تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ مستقبل ۾ ايندڙ مائنز اينڊ منرلس ايڪٽ جهڙن سنڌ دشمن ڪارن قانونن خلاف روڊن تي اچي پرامن عوامي مزاحمت ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ جي تاريخ ساز جدوجهد ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي تجزيي جي لاءِ حيدرآباد روشن خيال فورم(حرف) پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ "ٻٻرلوءِ ڌرڻو: نتيجا ۽ اثر” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نامياري دانشور جامي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 47ع کان وٺي سياسي بيچيني رهي آهي. ڌرڻي کان اڳ ۾ سياسي جماعتن عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو، ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو اعلان وڪيلن ڪيو، پر سياسي جماعتون ڌرڻي ۾ موجود هيون. هن چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي اها خصوصيت هئي ته عام عورتون به جٿن جي صورت ۾ ڌرڻي ۾ اچي رهيون هيون. هن چيو ته اها ڳالهه درست ناهي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي کان اڳ سنڌ ۾ سياسي مايوسي ۽ ماٺار هئي، پر هن ڌرڻي دهشت ۽ خوف کي ضرور ٽوڙيو. رياست جي پکڙيل خوف کي سنڌ جي مزاحمت پاش پاش ڪري ڇڏيو. هن ڌرڻي آئيني فورمن کي به لغام وڌو آهي ته توهان سنڌ دشمن فيصلا ڪندا ته ان جا نتيجا خطرناڪ هوندا. ٻٻرلوءِ ڌرڻو نه پهريون ڌرڻو هو ۽ نه ئي آخري هو، سنڌ ۾ پرامن عوامي مزاحمت جاري رهڻي آهي. نامياري صحافي سهيل سانگي چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻو پرامن هو ۽ عوام ڌرڻي جي حفاظت ڪئي. سنڌ سدائين پرامن مزاحمت ڪئي، هر تحريڪ ۾ سنڌ جي سماج جو نئون طبقو سامهون اچي ٿو، ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ ۾ وري اوچتو وڪيل برادري سامهون آئي. ايڊووڪيٽ امر حسيب پنهور چيو ته اسان وڪيل سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون، اسان کي هاڻ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف فيصلائتي جدوجهد طرف وڃڻو پوندو. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻو ختم ٿيڻ شرط سوشل ميڊيا تي ڪيترائي بحث شروع ٿيا، پر هن تحريڪ ۾ ماڻهن کي اهو احساس ٿيو آهي ته اسان جي طاقت ۽ دشمن جي ڪمزوري ڪهڙي آهي. سنڌ جي عوام پرامن عوامي مزاحمت ڪري 12 ڏينهن روڊ تي ويهي پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري دشمن جي ڪمزوري کي واضح ڪيو. هن چيو ته وڪيلن جي بارز تي پيپلزپارٽي جي وڏي سيڙپڪاري ٿيل آهي، پر نوجوان وڪيلن پيپلزپارٽي جي ان سيڙپڪاري کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. هن چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته سياسي جماعتون وقت تي فيصلو نه ڪري سگهيون ۽ وڪيل ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو اعلان ڪري اڳتي آيا، اها ڪنهن کي خبر نه هئي ته هي ڌرڻو سنڌ جو وڏو عوامي ڌرڻو بڻجي ويندو. جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر امير چانڊيو چيو ته هن تحريڪ ۾ مڊل ڪلاس طبقي جو اهم ڪردار نظر آيو. هن تحريڪ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو اسان بنا ڪنهن نظرياتي فرق جي جاگيردارن ۽ وڏيرن کانسواءِ گڏجي جدوجهد ڪري ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا، سنڌ مايوسي جي ڪن مان واپس نڪتي آهي. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليا بخشل چيو ته درياهه کي پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ مستقل بنيادن تي جدوجهد جاري رکڻي پوندي، جيستائين درياهه جي مڪمل بحالي نٿي ٿئي تيستائين چپ ناهي ڪري ويهڻو. حرف جي اڳواڻ ڊاڪٽر شعبان سهتو چيو ته سنڌي سماج جو هر طبقو استحصال جو شڪار آهي، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن ۾ شدت سان ڪاوڙ ۽ بغاوت جنم وٺي چڪي آهي، هاڻ سنڌ جو عوام وڌيڪ ظلم ۽ بربريت برداشت نه ڪندو. پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ آفتاب جتوئي چيو ته سنڌو درياهه جي تحفظ واري تحريڪ جو وڏو عوامي اظهار ٻٻرلو ڌرڻي ۾ نظر آيو. هن تحريڪ ۾ نوجوانن ۽ وڪيلن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ويهڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي سرگرم ڪردار حورالنساءِ پليجو جي وڇوڙي تي اٿي بيهي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. حورالنساءِ پليجو کي لفظن جي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي.