سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ، پنجاب سي جي ۽ ٽي پي ڪئنالن جي کڻت وڌائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ باوجود پنجاب چشما جهلم ۽ تونسا پنجند جي کڻت 25 هزار ڪيوسڪ کان به وڌائي ڇڏي آهي، روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب سنڌ جي سمورن بئراجن کي هڪ لک 5 هزار ڪيوسڪ انڊينٽ باوجود رڳو 40 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو آهي جڏهن ته پنجاب جي رڳو ٻن غير قانوني فلڊ ڪئنالن جن ۾ چشما  جهلم لنڪ فلڊ ڪئنال کي 17 هزار ڪيوسڪ ۽ تونسا پنجند فلڊ لنڪ ڪئنال کي 8404 ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ سان گڏ ڊيم ڀرڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي، پنجاب سنڌو درياھه تان ٿل ڪئنال ۾ 7500 ڪيوسڪ، ڊيراغازي خان ۾ 5500 ڪيوسڪ، مظفر ڳڙھ ڪئنال ۾ 5500 ڪيوسڪ ۽ ڪڇي ڪئنال ۾ 600 ڪيوسڪ سان گڏ سي آر بي سي جنهن ۾ پنجاب جا 1500 ڪيوسڪ آهن، ان ۾ 4000 هزار ڪيوسڪ کنيو آهي، چناب درياھ ۾ ايندڙ 28600 ڪيوسڪ سمورو پاڻي پنجاب هڙپ ڪري رهيو آهي، پنجند وٽ 10 هزار ڪيوسڪ هجڻ باوجود سنڌ لاءِ پنجند کي مڪمل بند ڪيو ويو آهي، ٻي طرف جهلم درياھ جي 38560 ڪيوسڪ مان 33 هزار ڪيوسڪ پنجاب کڻي ڪئنالن کي ڏنو آهي، پنجاب کي سئو سيڪڙو پاڻي کنڌي تي ملڻ باوجو ايندڙ ربيع جي فصل جي پوکائي لاءِ ڊيمن ۾ لاڳيتو پاڻي جمع ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري هن وقت سمورا ذخيرا 25.8 سيڪڙو ڀرجي ويا آهن ۽ 3 ڏهائي 456 ايم اي ايف پاڻي جمع ٿي ويو آهي، ان جي ابتڙ سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي ڪئنالن کي فقط 40 هزار 400 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي، گڊو بئراج جي ڪئنالن کي 6500 جي جاءِ تي رڳو 2500 ڪيوسڪ پاڻي ملي سگهيو جنهن ڪري گڊو بئراج وٽ پاڻي کوٽ 62 سيڪڙو آهي، سکر بئراج جي ڪئنالن کي 39500 ڪيوسڪ جي جاءِ تي 32260 ڪيوسڪ پاڻي مليو جنهن ڪري سکر بئراج تي 18 سيڪڙو کوٽ ٿي وئي آهي، اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن کي 15700 ڪيوسڪ جي جاءِ تي رڳو 5945 ڪيوسڪ پاڻي ملي سگهيو آهي، جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 62  سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، پنجاب، ارسا ۽ واپڊا جي هوڏ سبب سنڌ ۾ مجموعي پاڻي جي کوٽ 34 سيڪڙو آهي، جيڪا مئي مهيني جي ٻي ڏهاڪي ۾ انتهائي خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي آڳاٽي خريف جي پوکائي نه ٿيڻ کانپوءِ وچولو خريف شديد متاثر ٿي رهيو آهي، هوڏانهن تونسا کان گڊو بئراج تائين تائين روزاني 26 کان 30 هزار ايڪڙ فوٽن جي پاڻي جي چوري جاري آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ ارسا سميت سنڌ ۽ پنجاب سرڪار خاموش آهن، ٻي طرف سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ باوجود سنڌ سرڪار خصوصي طور تي سنڌ جو آبپاشي وارو وزير، آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري ۽ سنڌ جو وڏو وزير خاموش تماشائي بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.