هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيل فوجي ٽڪراءَ، جيڪو ٻنهي اٽمي هٿيارن سان ليس پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ آخري ٻن ڏهاڪن جو سڀ کان خطرناڪ ٽڪراءُ هو، ان دوران پاڪستان جي سياستدانن جي ردعمل ۾ هڪ واضح فرق نظر آيو. جڏهن قوم پنهنجي فوج جي بهادري تي فخر ڪري رهي هئي ۽ شهيدن جو سوڳ ملهائي رهي هئي، تڏهن عوام پنهنجن سياسي اڳواڻن کان قومي فخر، جرئت، ۽ عالمي سطح تي هڪ مضبوط آواز جي اميد پئي ڪئي. انهن سڀني اميدن تي جيڪو نالو پورو لٿو، اهو هو بلاول ڀٽو زرداري.جتي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪندي نظر آئي، اتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بيباڪ ۽ واضع موقف اختيار ڪيو، جيڪو عوام جي دلين ۾ گھر ڪري ويو.ڪيتريون ئي اعليٰ سطح وارن انٽرويوز ۽ تقريرون ڪندي، بلاول ڀٽوزرداري ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ نريندر مودي کي سڌو سنئون ذميوار قرار ڏنو. هن جا لفظ تيز واضع هئا، جيڪي پاڪستان جي خودمختياري ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف آواز بڻيا. ان وقت، جڏهن قوم پنهنجن سپاهين جي جرئت سان مطابقت رکندڙ سياسي قيادت جي ڳولا ۾ هئي، بلاول جو آواز قومي جذبي جي نمائندگي بڻجي سامهون آيو.ان جي ابتڙ، نواز شريف ۽ سندس سياسي ساٿين سميت پي ايم ايل-اين جي قيادت هڪ محتاط ۽ خاموش طريقي سان اڳتي وڌي. سندن طرفان مودي جو نالو نه وٺڻ ۽ ڀارتي جارحيت تي سڌي ريت تنقيد نه ڪرڻ تي ميڊيا توڙي عوام تنقيد ڪئي. ماڻهن ان خاموشي کي ڪمزوري سمجهيو ــ جيئن ته پي ايم ايل اين هميشه ڀارت سان نرم رويي واري پاليسي اختيار ڪندي آئي آهي.سوشل ميڊيا تي بلاول جي جارحاڻي انٽرويوز جا ٽڪرا وائرل ٿي ويا. خاص طور تي، جڏهن هن چيو ته مودي سفارتڪاري جي پردي پٺيان لڪي معصومن جو رت نه ٿو وهائي سگهي، ته اهو جملي سڄي ملڪ ۾ ماڻهن جي زبان تي رهيو. هي رڳو هڪ سياسي لمحو نه هو ــ پر هڪ قومي جذبي جو اظھار هو.بلاول جي هن نرالي جرئت پيپلز پارٽي جي حامي طبقي ۾ نئين جان وجھي ڇڏي ۽ غير جانبدار راءِ رکندڙ شهرين کان به داد ماڻيو. ڪيترن ته هن جي انداز کي ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد سان ڀيٽيو، جنهن ڪڏهن چيو هو ته ”هزار سالن تائين ڪشمير لاءِ جنگ ڪنداسين.“ پيغام صاف هو: پيپلز پارٽي اڃا به زنده آهي، ۽ جتي قوم جي ضرورت هجي، اتي اڳواڻي لاءِ تيار آهي.اڄ جڏهن جنگ ختم ٿي چڪي آهي، پر سياسي ميدان تي گرمي وڌي رهي آهي. جيڪڏهن پي ايم ايل-اين پنهنجي پاليسي تي نظرثاني نه ڪري ۽ قومي جذبي سان هم آهنگي پيدا نه ڪئي، ته هو عوام جي نظرن ۾ پوئتي رهي سگهي ٿي ــ جڏھن ته پيپلز پارٽي پاڻ ۾ نئون ساھ وجهي اڳتي وڌي رهي آهي. اھڙن بحراني لمحن ۾ قوم کي هميشه ياد رهي ٿو ته ڪنهن ڳالهايو ۽ ڪير خاموش رهيو.