آمريڪي صدر ٽرمپ جو وچ اوڀر جو دورو سيڙپڪاري ۽ دفاعي معاھدا

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنھن بابت مشھور آھي تھ ھن جي ارادن ۽ نيتن بابت اڳڪٿي ممڪن نھ آھي.اھو وچ اوڀر جي دوري تي آھن، جنھن دوران ھن جي اسرائيل سان دوري ۽ ايران سان ايٽمي مسئلي تي ٺاھ جي ويجھي پھچڻ جون ڳالھيون بھ ميڊيا ۾ اچي رھيون آھن. ان وچ ۾ ھن دنيا جي شاھوڪار ملڪن سان ڪيترائي دفاعي ۽ واپاري ٺاھ ڪري ورتا آھن.ميڊيا سندس دوري کي ڪامياب قرار ڏئي رھي آھي.ظاھر طور تي ھو مختلف جنگين ۽ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ جو ڪريڊٽ کڻي رھيو آھي تھ ٻئي پاسي وري ٽرمپ دفاعي ۽ فوجي معاھدا بھ ڪري رھيو آھي.آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ  وچ اوڀر ۾ پنھنجي ويجھن دوست ملڪن جي دوري تي آھي.جنھن دوران سعودي عرب ۽ قطر ۾ سندس غيرمعمولي آجيان ڪئي وئي  ۽ ٻنھي عرب ملڪن ۾ ڪيترائي معاھدا ڪيا ويا آھن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو دوحا ۾ شاهي محل پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو.ٽرمپ جي قطر ۾ موجودگي دوران، قطر جي قومي هوائي ڪمپني، قطر ايئر ويز، آمريڪي ڪمپني بوئنگ سان 200 ارب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي 160 جهازن لاءِ هڪ معاهدو ڪيو.ان کان علاوه، ملڪن جي وچ ۾ تازو دفاعي معاهدا ڪيا ويا آهن، جن ۾ آمريڪي MQ-9B ڊرون جي وڪري جي منظوري شامل آهي. ٽرمپ ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، دوحا ۾ معاهدي تي صحيح جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي، ٽرمپ چيو ته اهو معاهدو 200 ارب ڊالر جو آهي ۽ ان ۾ 160 جهاز شامل آهن. هي معاهدو ٽرمپ جي نار  رياستن جي دوري جي ٻئي مرحلي دوران ٿيو، جڏهن ته اڱاري تي سعودي عرب سان ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪيون.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام تي پابنديون هٽائڻ جو اعلان ڪرڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ، رياض ۾ گلف سھڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي سربراهي اجلاس کان اڳ شام جي صدر احمد الشرع سان ملاقات ڪئي.

رائٽرز جي رپورٽ موجب،آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي هڪ سروي ۾ چيو ويو آهي ته اهو اعلان ٽرمپ انتظاميه جي ڪجهه حصن ۾ خدشن جي باوجود ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته احمد الشرع کي اڳ ۾ واشنگٽن پاران القاعده سان سندس ماضي جي لاڳاپن جي ڪري دهشتگرد قرار ڏنو ويو هو.آمريڪا جي اتحادي اسرائيل شام لاءِ پابندين ۾ نرمي جي مخالفت ڪئي آهي، پر ٽرمپ اڱاري تي چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪي جي صدر طيب اردگان، ٻئي آمريڪي صدر جي ويجهو، کيس قدم کڻڻ جي ترغيب ڏني.

ڊونلڊ ٽرمپ تيل سان مالا مال  رياستن جي چئن ڏينهن جي دوري تي آهي، جنهن ۾ سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن.ٽرمپ جي نار جي علائقي جي چئن ڏينهن جي ٻئي دوري جي پهرين ڏينهن ۾ شاندار تقريبون ۽ ڪاروباري معاهدا ٿيا، جن ۾ سعودي عرب طرفان آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۽ بادشاهت کي 142 ارب ڊالر جي آمريڪي هٿيارن جي وڪرو جو واعدو شامل هو.سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، ڊونلڊ ٽرمپ قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ويو.

اهو ياد رکڻ گهرجي ته احمد الشرع  القاعده جو اڳوڻو ڪمانڊر آھي. جنهن ڊسمبر ۾ شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد جو تختو اونڌو ڪندڙ باغي فوجن جي اڳواڻي ڪئي هئي.پابندين ختم ٿيڻ سان سمجھي سگھجي ٿو تھ واشنگٽن دمشق سان پنهنجن لاڳاپن کي بحال ڪرڻ بابت ڪيترو سنجيده آهي.ان کان اڳ آمريڪي صدر سعودي جي دوري تي پھتو، ان دوران  ھن ملڪ جي والي محمد بن سلمان سان توانائي، دفاع، کاڻين ۽ ٻين شعبن ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ تي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون.سعودي عرب پاران ڪيل 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري مان 142 ارب ڊالر دفاعي سامان جي خريداري تي خرچ ڪيا ويندا.ڳالهين بابت بريفنگ ڏيندڙ ٻن ذريعن رائٽرز کي ٻڌايو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب رياض جي لاڪ هيڊ ايف-35 فائٽر جهازن جي امڪاني خريداري تي ڳالھيون ڪيون آهي، جيڪو فائٽر جهاز ۾ ڊگهي عرصي کان دلچسپي رکي ٿو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ارب پتي ايلون مسڪ سميت آمريڪي ڪاروباري اڳواڻن سان گڏ، اربع تي رياض کان قطر ۽ خميس تي گڏيل عرب امارات ج پھتو.وائيٽ هائوس ۾ ٻيو ڀيرو پھچڻ کان پوءِ هي ٽرمپ جو پهريون وڏو پرڏيهي دورو آهي، جنھن ۾ گهڻو ڪري تيل سان مالا مال علائقي ۾ واپاري معاهدن ۽ نئين سيڙپڪاري بابت آھي.هي دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن صدر کي سيڪيورٽي جا خدشا پڻ آھن.جنھن جو  اظهار موجوده ۽ اڳوڻي آمريڪي فوجي، دفاعي ۽ انٽيليجنس عملدارن ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.