اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ڳالهين جو عمل 14 مئي کان شروع ٿي رهيو آهي، جن ۾ ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال ۽ سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائيجهڙا مسئلا بحث هيٺ ايندا. پاڪستان، ڀارت سان تازين تڪراري حالتن جي پسمنظر ۾ آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، پاڪستاني حڪومت آءِ ايم ايف سان ايندڙ اسٽريٽجڪ، معاشي ۽ مالي معاملن بابت ڳالهين ۾ موجوده صورتحال کان آگاهي ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 14 مئي کان شروع ٿيندڙ ڳالهين ۾ صرف معاشي صورتحال نه، پر سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائي جهڙا مامرا به شامل هوندا. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ذريعن موجب، حڪومت سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائي لاءِ آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سپر ٽيڪس سان لاڳاپيل 200 ارب رپين جا ڪيس مختلف عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن، جن سبب ايف بي آر کي روينيو گڏ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. هن وقت ملڪ جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 10.4 سيڪڙو آهي، جنهن کي جون تائين 10.6 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ 11 سيڪڙو تائين آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ آءِ ايم ايف سان تجويز ڪيل ٽيڪسيشن قدمن جا اهم نڪتا پيش ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب، انهن تجويزن ۾ مختلف آمدني جي سطح (انڪم سليب) تي ملازمت پيشه طبقي لاءِ ٽيڪس جو بار 10 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جي ڳالهه شامل آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف انهيءَ تجويز ڪيل رعايت تي اتفاق ڪري ٿو، ته ايندڙ بجيٽ ۾ هنن کي 50 ارب رپين تائين جو رليف ملي سگهي ٿو. سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آهي ته حڪومت بجيٽ ۾ رليف جا قدم کڻڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ آمدني جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اضافي ٽيڪس جي قدمن تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي۔ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صنعتن لاءِ وڏي پيماني تي رليف ڏيڻ جون تياريون جاري آهن، ۽ وزيراعظم شهباز شريف پيداواري ۽ تعميراتِي صنعتن لاءِ رليف ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب، وزيراعظم صنعتڪارن جي تجويزن جي روشني ۾ رليف جا قدم تجويز ڪيا آهن، ۽ امڪان آهي ته وزيراعظم جي هدايتن جي بنياد تي پيداواري صنعت کي خام مال تي رليف ڏنو ويندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته بجيٽ ۾ صنعتن جي خام مال تي لڳندڙ وِد هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جو امڪان آهي، جيڪو ختم ٿيڻ سان ٽيڪس جي واپسي (ري فنڊ) جو مقدار گهٽجي ويندو.