اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) وفاقي حڪومت جي قرضن جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايس بي پي جي پڌرائي موجب وفاقي حڪومت مارچ 2025 ۾ 652 ارب رپين جو قرض ورتو آهي. پڌرائي موجب حڪومت مارچ ۾ 496 ارب مقامي ۽ 156 ارب رپين جو ٻاهريون قرض ورتو آهي. مارچ 2025 تائين حڪومت جو گڏيل قرض 73 هزار 688 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جو مقامي قرض 51 هزار 518 ارب رپيا ۽ ٻاهريون قرض 22 هزار 170 ارب رپيا ٿي چڪو آهي. ايس بي پي جي پڌرائي موجب حڪومت جو قرض سال به سال 12 ڏهائي 7 سيڪڙو وڌي چڪو آهي ۽ 8 هزار 314 ارب رپيا وڌيو آهي.