حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي 12 مئي جي شھيد محمد نواز ڪنراڻي سميت 48 شھيدن کي 18ھين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪندي چيو آھي ته شھيد محمد نواز ڪنراڻي 12 مئي 2007 تي ڪراچي ۾ امن، عدل، انصاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن ھٿان شھيد ٿيو، جڏھن ملڪ تي ڊڪٽيٽر شپ قائم ھئي۔ قانون بدران آمريت جي ڪاري رات ھئي، تڏھن انصاف ۽ آئين جي بحالي لاءِ شھيد محمد نواز ڪنراڻي ڪراچي ۾ پنھنجي ھزارين سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏجي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي استقبال لاءِ ويو ته ملڪ دشمن ۽ انسان دشمن دھشتگردن حملو ڪري شھيد محمد نواز ڪنراڻي سميت درجين معصوم ماڻھو شھيد ڪري ڇڏيا، شھيد محمد نواز ڪنراڻي درندگي اڳيان خاموش رھڻ بدران انصاف جي جدوجھد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري دھشتگردي کي شڪست ڏني، قومي عوامي تحريڪ شھيد محمد نواز ڪنراڻي جي واٽ تي ھلي دھشتگردن جي راڄ کي ختم ڪيو آھي، شھيد محمد نواز ڪنراڻي جي جدوجھد تي پارٽي ۽ قوم کي فخر آھي.