ڇا پاڪستان- ڀارت جي جنگ محدود رهندي؟

تحرير: مرتضيٰ شاهه

ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ،  اڄ تائين شدت اختيار ڪري چڪي آهي. ان حملي ۾ ڪيترائي بيگناه شهري، مارجي چڪا آهن. پاڪستان ۽ پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ ڀات طرفان ميزائل حملا ڪيا پيا وڃن. پاڪستاني عملدارن موجب انهن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 عام شهري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. جواب ۾ پاڪستان دعويٰ ڪئي آهي ته انهنن پنج ڀارتي جنگي جهاز، جن ۾ فرانس جا ٺاهيل رافيل جيٽ فائٽر به شامل آهن، ڪيرايا آهن، پر ڀارت ان جي تصديق نه ڪئي آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي شيلنگ ۽ ڊرون حملا جاري آهن، جن جي نتيجي ۾ جاني نقصان پڻ رپورٽ ٿيا آهن.

ڀارت پاران ٿيل آپريشن سِندور پاڪستان جي پنجاب (سينٽرل پنجاب) ۽ ڪشمير تائين وڌيل ڪارروائي هئي، جيڪا 1971ع کانپوءِ ڀارت طرفان پاڪستان جي اندر ايتري وڏي سطح جي پهرين فوجي مداخلت آهي. ان جي جواب ۾ پاڪستان ڊرون ۽ آرٽيلري حملا ڪري دعويٰ ڪئي ته هنن لائن آف ڪنٽرول تي 40 کان 50 ڀارتي فوجي ماريا. صورتحال جي سنگيني ڪري ٻنهي ملڪن پنهنجون هوائي حدون( ايئر اسپيس) بند ڪري ڇڏيون آهن، واپار معطل ڪيو ويو ۽ سفارتڪارن جي بي دخلي عمل ۾ آندي وئي آهي. ان کان سواء ڀارت "انڊس واٽرز ٽريٽي” ۽ "شِملا معاهدي” تان هٿ کڻي ورتو آهي، جڏهن ته پاڪستان طرفان به ويزا ۽ واپار بند ڪيا ويا آهن. پاڪستان جي بچاءُ واري وزير خواجه آصف ڀارت جي پاڻي واري معاهدي تان دستبرداري کي “جنگي قدم” قرار ڏنو، پرتنھن ھوندي  به اسلام آباد اڃا تائين مڪمل جنگي جواب کان پاسو ڪري رهيو آهي.

هن ڇڪتاڻ سبب ٻنهي پاسن کان 60 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا آهن، جڏهن ته هزارين بي گهر ٿيا آهن. جنگي خطري سبب اسڪول، ايئرپورٽ بند ڪيا ويا آهن ۽ بين الاقوامي اڏامن تي به اثر پيو آهي. پاڪستان طرفان  ڀارت کي ڪوبه موثر جنگي جواب نه ڏنو ويو آهي. پاڪستان جو  جوابي ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن. معاشي طور پاڪستان سخت بحران مان نڪري رهيو آهي، جتي ملڪ آءِ ايم ايف جي 7 ارب ڊالرن واري بيل آئوٽ منصوبي تي ڀاڙي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ مڪمل جنگ، ملڪ جي ناڻي ۽ معاشي استحڪام کي ختم ڪري سگهي ٿي. ٻيو ته ملڪ اڳ ئي افغانستان سان لڳندڙ سرحد تي طالبان شدت پسندن خلاف، ۽ بلوچستان ۾ الحدگي پسند تحريڪن سان وڙهي رهيو آهي، جنهن سبب فوج جا وسيلا  ورهائجي چڪا آهن.

عالمي سطح تي به پاڪستان تي دٻاءُ وڌيو آهي.

 آمريڪا، جتي هاڻو ڪو پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ثالثي جي ڪوششون ڪري رهيو آهي، يعني امريڪا سڌو اڻ سڌو هن ننڍي کنڊ جي مسئلي ۾ شامل ٿي چڪو آهي. انڪري پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي صبر جي تلقين ڪئي آهي. چين، جيڪو پاڪستان جو اهم اقتصادي ۽ سياسي اتحادي آهي، پڻ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومون، گڏيل عرب امارت ۽ سعودي عرب، جيڪي ٻنهي ملڪن سان معاشي لاڳاپا رکن ٿا، به پس پرده ڳالهين ۾ مصروف آهن.

ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي وٽ لڳ ڀڳ 170–180 ايٽمي وار هيڊس موجود آهن. پاڪستان وٽ “No First Use” يعني “پهريون وار نه ڪرڻ” جي پاليسي به ناهي، جيڪا ڪنهن به وقت صورتحال کي وڌائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.پاڪستان جي بچاءُ واري وزير خواجہ آصف  مطابق ملڪ جي طرفان صرف فوجي هدفن تي ڪارروائي ڪئي ويندي، جيئن ته شهري جاني نقصان کان پاسو ڪري سگهجي. ان کان علاوه، پاڪستاني فوج جي سربراهيءَ ۾ جنرل عاصم منير کي عوامي سطح تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ ته آهي پر جيڪڏهن جواب ناڪام ويو ته فوج جي ساک کي وڏو ڌڪ لڳي سگهي ٿو. ان ڪري موجوده خاموشي کي “Strategic Patience” يعني حڪمت عمليءَ تي ٻڌل صبر طور پيش ڪيو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ آمريڪا جي تاريخي ڪردار کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن 1999ع ۽ 2019ع جهڙين ڇڪتاڻن ۾ وچ ۾ پئي ٽياڪڙي ڪئي هئي . جڏهن ته هن وقت صدر ٽرمپ صرف هن گڏيل تڪرار کي "شرمناڪ” قرار ڏنو آهي، پر عملي طور آمريڪا جو اثر گهٽ ٿيو آهي. چين، جيڪو پاڪستان جو وڏو سيڙپڪار آهي، ڀارت سان ڪشمير جي مسئلي تي اڳ ئي ڇڪتاڻ ۾ آهي، تنهن ڪري بيجنگ جي غير جانبداري به شڪ جي نظر ۾ آهي. سعودي عرب ۽ UAE، جن جي ٻنهي ملڪن سان معاشي لاڳاپا آهن، به ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بحران جي مينيجمينٽ جو ڪو مضبوط نظام نه هجڻ، ۽ ڀارت طرفان پاڪستان جي سينٽرل پنجاب تي حملن جو وڌڻ، غير ارادي جنگي شدت جو خطرو وڌائي ٿو.ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، جيڪو 2024ع جي چونڊن کانپوءِ عوامي حمايت وڃائي چڪو آهي، قومي جذبات کي اڀاري، پنهنجي مقبوليت ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري . ساڳي وقت پاڪستاني فوج به ملڪ اندر پنهنجي سياسي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀلي اها ڇڪتاڻ محدود هجي، پر ايٽمي هٿيارن جي موجودگي سبب هي تڪرار ڪنهن وقت به ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي طرفان احتياط واري رويي جا ڪارڻ معاشي مجبوري، عالمي دٻاءُ ۽  ملڪ م بي يقيني واري صورتحال مطابق حڪمت عملي پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي بحران فوج کي “Silent Commander” بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو اڃا تائين اوپن وار کان پاسو ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن ٻئي ملڪ سنجيدگيءَ سان سفارتي گفتگو شروع نه ٿا ڪن، ته ڇڪتاڻ ڪنهن به حادثي سبب مڪمل جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. گڏيل قومون، چين، آمريڪا ۽ اسلامي ملڪن کي هن وقت فعال سفارتي پليٽفارم تي گڏ اچي، ٻنهي ملڪن لاءِ “de-escalation framework” تيار ڪرڻ گهرجي، جيئن مستقبل ۾ اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.عوامي سطح تي امن جي خواهش موجود آهي، پر قيادت جي سطح تي انا ۽ سياسي مفادن سبب سڄو خطو بارود جي ڍير تي ويٺو آهي.

بهرحال، عوامي غصي، سياسي دٻاءُ ۽ فوجي ردعمل جي امڪانن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ردعمل ممڪن آهي، پر اهڙو، جيڪو “ريڊ لائن” کي پار نه ڪري، جيئن تڪرار وڌي ڪري وڏي ۽ مڪمل جنگ ۾ نه بدلجي پوي.اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي لاءِ هن وقت جنگي فضا ڪنهن به ريت فائديمند ناهي. خطي ۾ امن لاءِ رڳو سفارتي ڳالهين، سنجيده ثالثي، ۽ ماڻهن جي بنيادي حقن جي تحفظ تي زور ڏيڻ ئي واحد رستو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.