7 مئي 2025 کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جي فضا، زمين ۽ هوا ۾ بارود جي جيڪا بوءِ پکڙجي وئي آھي، اها رڳو ڀارت ۽ پاڪستان جي ڇڪتاڻ جو نتيجو نه پر اها عالمي سفارتڪاري جي منافقت، خاموشي ۽ حقيقتون ڏسڻ کان انڪار جي به هڪ ڪڙي شاهدي آھي. ڀارت پاران ڪشمير جي علائقي پَهَلگام ۾ ٿيل حملي کي جواز بڻائي جيڪا فوجي جارحيت ڪئي وئي، سا نه صرف پاڪستان جي خودمختياريءَ تي سڌو سنئون وار آھي، پر سڄي خطي جي امن لاءِ هڪ شديد خطرو پڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. بنا ڪنهن ثابتي جي ڀارت پاڪستان کي الزام جو نشانو بڻايو ۽ بين الاقوامي قانونن جي لتاڙ ڪندي سفارتي وضاحت کانسواءِ سرحدي علائقن ۾ فوجي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون. 8 ۽ 9 مئي تي ڀارت نه رڳو پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي پر ڊرون ذريعي حملا ۽ ايل او سي تي وحشياڻي گولاباري پڻ ڪئي. پر ڀارت اهو وساري ويٺو ته سندس مقابلو ڪنهن ڪمزور رياست سان نه بلڪه هڪ تجربيڪار، دفاعي طور تي مضبوط ۽ ايٽمي صلاحيت رکندڙ ملڪ سان هو. پاڪستان به پنهنجي دفاعي حڪمت عمليءَ تحت خاموش نه رهيو. پاڪ فضائيه فوري ۽ تڪڙي حڪمت عملي سان ڀارت جا پنج جنگي جھاز ۽ ڪيترائي ڊرون ڪيرايا، دشمن جي هيڊ ڪوارٽرن کي نشانو بڻايو ۽ سرحدي محاذ تي ڀارتي چوڪين کي تباھ ڪري ڀارت کي هڪ واضح ۽ مضبوط پيغام ڏنو. رپورٽن موجب ڀارت کي نه صرف 30 کان وڌيڪ فوجين جي جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پيو پر سندس جديد ٽيڪنيڪل نظامن کي به سخت ڌڪ رسيو.
اڄ جي دنيا جي سڀ کان شرمناڪ حقيقت اها آهي ته آمريڪا جيڪو پاڻ کي امن جو علمبردار ظاهر ڪري ٿو، ساڳئي وقت ڀارت کي جديد ترين هٿيار ڏئي، ڏکڻ ايشيا کي باھ جي ڀيٽ ۾ تبديل ڪري رهيو آهي. هيءَ رڳو منافقت نه پر عالمي امن جي قتل جي سازش آهي. آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي ونس جو تازو بيان ته "اسان جي اميد آهي ته ڀارت هن دهشتگرد حملي جو اهڙو جواب ڏئي، جيڪو علائقائي جنگ ۾ تبديل نه ٿئي ۽ اسان اميد ٿا ڪريون ته پاڪستان، جيستائين هو ذميوار آهي، ڀارت سان تعاون ڪري ته جيئن دهشتگرد، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ان جي سرزمين تان ڪم ڪن ٿا، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.” هيءُ بيان ظاهر ۾ ته ٻنهي ملڪن کي خطاب ڪري ٿو پر حقيقت ۾ ان جي تمثيل واضح آهي: ڀارت لاءِ نرمي ۽ پاڪستان لاءِ الزام. "جيستائين هو ذميوار آهي”، جهڙا لفظ سفارتڪاري نه پر نفرت جو ٻج آهن، جيڪي پاڪستان کي عالمي سطح تي شڪي نظر سان ڏسڻ لاءِ تيار ڪن ٿا. آمريڪا ڳالهين جو نالو وٺي ھٿيار ڀارت جي حوالي ڪري رهيو آهي. ڀارت کي F-35 جهڙا جديد جهاز، مائيڪرو ڊرون ٽيڪنالاجي ۽ نيٽو معيار جو لاجسٽڪ نيٽورڪ فراهم ڪري، آمريڪا نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي. هيءَ "Dual Track Policy” هڪ طرف امن جون ڳالهيون ٻي طرف جنگ جو سامان. ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته آمريڪا جي لفظن ۽ عملن ۾ ڌڪار آهي. فلسطين وانگر هاڻ پاڪستان کي به ساڳي طريقي سان ۽ بدنيتي سان نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هي رڳو لفظن جي جنگ نه پر ان جو مقصد جنگ جي مَنڊي ٺاهڻ آهي، جتي انساني خون وڪامندو آهي ۽ هٿيارن جي سوداگري جا بازار کلندا آهن. واشنگٽن جتي پاڻ کي ثالث سڏائي ٿو پر عملي طور ڀارت جي پاسي بيٺل نظر اچي ٿو، ان مان خبر پوي ٿي ته هي سامراج صرف پنهنجي مفادن لاءِ امن جو نقاب اوڍي ٿو. هيءَ روش ٻن ايٽمي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائي پوري خطي کي برباديءَ جي ڪناري تي وٺي اچي سگهي ٿي.
جي ڊي ونس جي بيان مان جيڪا لاپرواهي ۽ آمريڪي منافقت ظاهر ٿئي ٿي سا صرف لفظن تائين محدود ناهي. عملي سطح تي به آمريڪا جي خاموشي ان جي خطرناڪ ساڙ ۽ پراڪسي پاليسيءَ جو واضح ثبوت آهي. ڀارت پاران اسرائيل جي مدد سان پاڪستان تي ڊرون حملن جي خبرن تي آمريڪا جي خاموشي رڳو غير جانبداري ناهي، هيءَ خاموشي دراصل رضامنديءَ جو اشارو آهي. اسرائيل آمريڪا جو پراڪسي ساٿي آهي، ڀارت کي نه رڳو حمله آور ڊرون ڏئي رهيو آهي، پر Loitering Munitions جهڙي ٽيڪنالاجي تائين به رسائي ڏني وئي آهي. هي ٽيڪنالاجي عام دفاع نه پر جارحيت لاءِ استعمال ٿيندي آهي ۽ هاڻي اها پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي. ان رشتيداري تي آمريڪا جي بيحسي ۽ خاموشي ان ڳالھ کي يقيني بڻائي ٿي ته رڳو ڀارت ئي نه پر آمريڪا ۽ اسرائيل به انهيءَ باھ جا بنيادي سبب آهن، جيڪا هاڻي خطي جي هوا ۾ تپش محسوس ڪرائي رهي آهي. آمريڪا پٺيان بيٺل رهنما آهي ڀارت ان جو جنگي رانديگر ۽ اسرائيل هٿيارن جو فراهم ڪندڙ. اهو نئون سامراجي ٽڪراءُ آهي جيڪو هن ڀيري ڏکڻ ايشيا کي نشانو بڻائي رهيو آهي. اها صورتحال صرف پاڪستان لاءِ نه پر سڄي خطي لاءِ هڪ سڌي ڌمڪي آهي، جيڪا امن جي هر اميد کي ڌڪ ڏئي رهي آهي.