عالمي برادري فوري طور تي ڀارت جي جنگ کي روڪڻ جو انتظام ڪري

هاڻي جڏهن ڀارت باقاعدي پاڪستان خلاف جنگ شروع ڪري ڏني آهي ته اهو ڏسي بيحد حيرت ٿي رهي آهي ته عالمي برادري جو اها جنگ روڪڻ ۾ ڪو مؤثر ڪردار نظر ئي نه پيو اچي. باوجود ان جي ته پاڪستان ڀارت جي جنگي جنون جو کين اڳواٽ اطلاع ڏنو هو ۽ اهو به ٻڌايو هو ته پهلگام واري دهشت گردي جي واقعي ۾ پاڪستان بلڪل به ملوث ناهي، ڀارت کي جيڪڏهن ثبوت آهي ته اهو  پاڪستان کي پيش ڪري. پاڪستان ان دهشت گرد واقعي جي غير جانبداراڻي جاچ جي به آڇ ڏني هئي ۽ ان ۾ پاڪستان هر قسم جي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جو چيو هو. پاڪستان اهو به عالمي برادري کي ٻڌايو هو ته پاڪستان ڪنهن ريت به جنگ نٿو چاهي پر ڀارت اڳرائي ڪئي ته پوءِ پاڪستان به منهن توڙ جواب ڏيندو پر افسوس ته پاڪستان جي انهن ڪوششن جو ڪو فوري نتيجو نه نڪتو ۽ ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي انتهاپسند وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي جنگي جنون جو نيٺ مظاهرو ڪيو ۽ پهلگام جي هڪ واقعي کي بنياد بڻائي جنگ جهڙو ناقابل يقين قدم کڻي ورتو.

ٻئي پاسي پاڪستان جي پاليسي انتهائي دانشمندي، صبر ۽ تحمل واري نظر آئي جنهن عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک بهتر ڪئي آهي. پاڪستان جي پرامن ۽ صبر واري ڪردار کي ساراهيو وڃي ٿو پر سوال اهو  آهي ته آخر  پاڪستان صبر ڪندو يا ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻئي پاسي ڀارتي جنگي جنون وڌندو ئي رهي ٿو. پهرين رات جڏهن ڀارت ڪشمير ۽ پاڪستان جي چئن علائقن ۾ ميزائل حملا ڪيا ته ان حملي جو نشانو شهري بڻيا جنهن ۾ هن وقت تائين 31 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن. ڀارت جي ان جنگي حرڪت جي جواب ۾ پاڪستان ان رات رپورٽن موجب ڀارت  جو تمام وڏو جنگي جهاز رافيل  تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان کان علاوه ٽن ميزائلن کي به ٽارگيٽ ڪري ڪِيرايو. ان کان علاوه ڀارت جي فوجي ٺڪاڻي کي پڻ ختم يعني ابتدائي طور تي پاڪستان صرف پنهنجو دفاع ڪيو پر جوابي جنگي حملو نه ڪيو آهي جيڪو اهو ڪرڻ جو ارادو ۽ هاڻي شايد ان جو حق به رکي ٿو

پر سوال اهو آهي ته عالمي برادري جو به ته ڪو ڪردار هئڻ گهرجي نه. اڃان به ايئن چئجي ته عالمي برادري کي هاڻي به موقعو آهي ته اها پاڪستان جي جوابي جنگي ڪارروائي کان اڳ ڀارت کي جنگ بند ڪرڻ کان روڪي. ٻي صورت ۾ ظاهر آهي ته پاڪستان مٿان دٻاءُ وڌندو ويندو ته اهو به ڀارت خلاف جوابي جنگي ڪارروائي ڪري. ڪالهه آءِ ايس پي آر جي، ڊي جي ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جيڪا گڏيل بريفنگ ڏني تنهن ۾ ڀارت جي انهن خبرن جي ترديد ڪئي وئي ته ڪو پاڪستان، ڀارت جي 15 جڳهن تي جنگي حملو ڪيو آهي. سو پاڪستان في الحال دفاعي حڪمت عملي تي هلندي نظر اچي رهيو آهي جنهن ۾ هن ڀارتي جنگي جهازن ۽ ڊرون کي ڪيرائڻ جو ڪم ڪيو آهي. ممڪن آهي اها به حڪمت عملي هجي ته ڀارتي جهازن ۽ ڊرون کي پهريون استعمال ڪرڻ ڏجي ۽ انهن کي ختم ڪري پوءِ ڪا فيصلائتي جنگي ڪارروائي ڪري. پر اها به حقيقت آهي ته ان معاملي ۾ پاڪستان جيتري دير ڪندو ۽ ڀارتي جنگي اڳرائي تي تنقيد ڪندو ته ساڳي وقت اهو پنهنجي لاءِ به ڀارت جهڙي جنگي ڪارروائي جا دروازا بند ڪندو ويندو مثال طور پاڪستان جيڪڏهن ڀارت جي پهرين رات واري جنگي  ڪارروائي تي اهو تبصرو ڪيو ته ڀارت کي عام شهرين کي نشانو بڻائڻ بدران سڌو اسان فوجين سان وڙهڻ گهرجي ها يا اهو چوڻ ته ڀارت مذهبي جڳهن کي جنگي نشانو بڻائي گڏيل قومن جي پڌرنامي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان جو مطلب ته هاڻي پاڪستان به پنهنجي لاءِ  اخلاقي ضابطو جوڙي ڇڏيو آهي. هاڻي ان  کي به اخلاقي طور ڀارت جي شهرين ۽ مذهبي جڳهن کي نشانو نه بڻائڻو پوندو. اسان اهو قطعي نه ٿا چئون ته پاڪستان به  ڀارت جهڙي جنگي جنون جو مظاهرو ڪري يا ايئن ئي ڀارت جي عام شهرين کي ماري ۽ ان جي مذهبي جڳهن کي نشانو بڻائي.

پاڪستان جيڪڏهن جوابي جنگي ڪارروائي نه ٿو ڪري ۽ اهو رڳو ڀارت جي جنگي جنون ۽ دهشت گردي کي عالمي سطح تي بي نقاب ڪري ٿو ته اهو عظيم ملڪ سمجهيو ويندو جيڪو عملي طور پاڻ کي ’امن پسند ملڪ‘ طور متعارف ڪرائيندو. ڪاش پاڪستان ايئن ئي ڪري ۽ ڀارت کي اخلاقي شڪست ڏئي پر لڳي ايئن نه ٿو. ڪالهه به آءِ ايس پي  آر جي، ڊي جيءَ اهو اشارو ڏنو آهي ته اسان ڀارت  جي 15 جڳهن کي نشانو ناهي بڻايو اسان حملو ڪنداسين ته سڄي دنيا کي نظر ايندو ۽ دنيا سمجهي ويندي ته اهڙو حملو پاڪستان ئي ڪري سگهي ٿو مطلب ته پاڪستان موقعي مناسبت سان جوابي حملي جو ارادو رکي ٿو پر اسان جو خيال آهي ته پاڪستان جي تحمل ۽ صبر جو فائدو وٺندي عالمي برادري ڀارت کي فوري طور وڌيڪ جنگي ڪارروائي کان روڪڻ جو انتظام ڪري. پاڪستان هاڻي به اهو ئي چاهي ٿو ته ڀارت کي عالمي برادري روڪي. اهو ئي اصل ۾ هن خطي ۽ سڄي دنيا لاءِ ڀلو آهي.

عام طور تي ايئن آهي ته ڪي ماڻهو يا ڪي ڌريون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن ته وچ ۾ ڪا ڌر اچي ٽياڪڙي ڪندي آهي پر اهو ڏسي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون ته عالمي برادري جو ٽياڪڙي وارو ڪو اثرائتو ڪردار نظر نٿو اچي نه ئي بظاهر ان جي ڪا جنگي ڌر ٻُڌي ٿي.ويجهڙ ۾ اسرائيل ۽ فسلطين جي جنگ هجي يا روس ۽ يوڪرين جي انهن کي عالمي برادري بروقت روڪرائڻ ۾ ناڪام رهيون. فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ ته سڄو سال هلي. ايئن ڀارت کي به عالمي برادري جنگ کان روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. جڏهن ته ڪرڻ تي اچجي ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن کي جنگ جي اڳرائي ڪندڙ ملڪ خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، سڀ گڏجي ان خلاف جنگ ڪن يا مڪمل بائيڪاٽ ڪن. مطلب ته ڪو سبق ڪا سزا ته اهڙي ملڪ کي ملڻ گهرجي جيڪو جنگي جنون پيدا ڪرڻ جو ذميوار هجي.

پاڪستان ۽ ڀارت ته ٻئي ايٽمي ملڪ آهن ۽ جيڪڏهن خدانخواسته  اهي ٻئي ايٽمي جنگ تي لهي آيا ته پوءِ ڪجهه ئي نه بچندو تنهن ڪري هوشمندي جي تقاضا اها آهي ته بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ڀارت کي سختي سان هلندڙ جنگ روڪرائڻ تي زور ڏنو وڃي ۽ ان کي ممڪن بڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته جنگن ۾ سواءِ تباهي جي،انساني جانين جي زيان ۽ معاشي نقصان جي ڪجهه ناهي ورڻو ٻيو انهن جنگين جو خوفناڪ، اثر رڳو ڏکڻ ايشيا تي ئي نه پر سڄي دنيا تي پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.