ڪو ايم اين اي ڪي پي ۾ داخل ٿي ڏيکاري: گنڊاپور جو چئلينج

راولپنڊي (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل ڏانهن مارچ ڪيو، پوليس کي گورکپور ناڪي  تي وري روڪي ورتو ته سندس پوليس سان ڇڪتاڻ ٿي. هن چيو ته مان جيل ويندس، مون کي ڪير نٿو روڪي سگهي، مون وٽ ڪورٽ آرڊر آهي. بعد ۾ علي امين گنڊاپور پيادل جيل ڏانهن روانو ٿي ويو، ساڻس گڏ پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ به هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کي چوان ٿو ته هاڻي اوهان جو ڪو ايم پي اي منهنجي صوبي ۾ داخل ٿي ڏيکاري، موجوده جنگي حالتن ۾ منهنجو پيغام اهو ئي آهي ته جنهن کي ٺيڪ لڳي ته ٺيڪ، نه لڳي ته کڏ ۾ پوي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.