تازو، سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ٿي ويا هئا. اها هڪ ڊگھي جدوجهد هئي. اها تحريڪ تقريبًا نون مهينن تائين لاڳيتو جاري رهي، اسان جي سنڌ جي حڪومت به ٻٽو معيار رکيو پئي آئي. ڪا، واضح حڪمت عملي اختيار ڪونه ڪري رهي هئي. سنڌ حڪومت جا وزير ۽ مشير ڪڏهن ڪئنالن جي خلاف بيان بازي پيا ڪندا هئا ته ڪڏهن حمايت ۾ به ڳالهائي رهيا هئا. ڪڏهن وري مورڳو انڪار ڪندا رهيا ته ڪئنال مورڳو ٺهن ئي ڪونه ٿا. ٽيوب ويل لڳرائڻ جي ڪري کوٽائي ٿي رهي آهي. وري انهن جڏهن ڏٺو ته عوام ۾ وڏو جذبو آهي. ڪئنالن جي ڪري ڪاوڙ ۽ غصو پيدا ٿيو آهي. تڏهن عوام جي موقف جي حمايت ڪرڻ لڳا. وڪيلن جي طرفان ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. جيڪو مسلسل يارهن ڏينهن جاري رهيو جنهن ڪري اتي سنڌ مان هزارين ماڻهو اچي شريڪ ٿيا. تڏهن ان ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ فائرنگ به ڪئي ويئي. پر، ڌرڻو ختم ٿي ڪونه سگھيو ۽ ان ۾ تيزي ايندي ويئي. ان ڌرڻي ۾ عوام جي طرفان مظاهرين کي مانيون کارايون پئي ويون. ٿڌي پاڻي پيارڻ جو به بندو بست ڪيو ويو هو. مظاهرين جي خاطر تواضع ڪرڻ ۾ ڪابه گھٽتائي ڪونه ڪئي ويئي. مهمان نوازي جا اعليٰ، نادر ۽ ناياب مثال قائم ڪيا ويا. جيڪي هميشہ ياد رکيا ويندا. نيٺ وفاق ۽ سنڌ حڪومت جون ڳالهيون ٿيون. في الحال نون ڪئنالن جي ڪم کي معطل ڪيو ويو. تڏهن ڌرڻو ختم ٿيو ۽ سنڌ جا روڊ ۽ رستا ٽرئفڪ لاءِ کلي ويا جيڪي وڪيلن جي ڌرڻي جي ڪري بند ٿي ويا هئا. هر ماڻهو پنهنجي گھرن ڏانهن روانو ٿي ويو. مذڪوره ڌرڻي ۾ جن ماڻهن خدمتون ڪيون هيون. ميڊيڪل ڪئمپون کوليون هيون. پاڻي جي فراهمي جو بندو بست ڪيو هو سنڌ جي سياسي ۽ ونگارو پوليس انهن جي لسٽ تيار ڪئي. جيڪا مڪمل طرح خفيه رکي ويئي. جنهن کي ظاهر ئي ڪونه ڪيو ويو. هاڻ، اوچتو اها لسٽ ظاهر ڪئي ويئي آهي ۽ انهن ماڻهن جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين سوگھو ڪيو پيو وڃي.
هاڻ اطلاع ملي رهيا آهن ته، ڪئنالن جي منصوبي خلاف، سنڌ ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاجن تي سنڌ حڪومت ڪاوڙجي پئي آهي. ڌرڻو ڏيندڙن ۽ خدمت ڪندڙن جي خلاف انتقامي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن. جيڪي تيز ٿينديون پيون وڃن. مذڪوره ماڻهن جي خلاف پوليس جي وٺ پڪڙ ڪئي پئي وڃي ڪيترائي ماڻهو مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايا پيا وڃن. ڪن تي چرس وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ته ڪن تي وري شراب جو ڪيس هنيو ويو آهي. ڪن تي وري چوري ۽ ڦر جي ڪيسن ۾ ملوث ڄاڻائي ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن. ته ڪي وري دهشتگرد پڻ ڄاڻايا ويا آهن. مطلب ته مختلف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. اهو، سلسلو تيزي سان جاري آهي. اهي ڪيس عدالتن ۾ چالان به ڪيا ويا آهن اصل ۾ اهي ڏوهاري ڪونه آهن. پر، سندن ڏوهه اهو آهي جو انهن ڌرڻي ۾ شامل وڪيلن، قوم پرستن، ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جي هن سخت گرمي جي موسم ۾ خدمت ڪري کين ٿڌو پاڻي، کاڌو خوراڪ ۽ ٻيو ضروري سامان پهچايو. جنهن تي سنڌ سرڪار گھڻو مڇرجي پئي آهي.
جڏهن ته پرامن احتجاج ڪرڻ هر هڪ ماڻهو جو قانوني ۽ آئيني حق آهي. جيڪو جمهوري حڪومت ۾ ڪنهن کان به کسڻ نه گھرجي. پر، هيءَ حڪومت جيڪا پاڻ کي جمهوري حڪومت سڏائي ٿي. تنهن پرامن مظاهرين تي انتقامي ڪارروائيون ڪري آمريت جي دور جي ياد ڏياري رهي آهي. آمريت ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي. ماضي ۾ جهاتي پائبي ته معلوم ٿيندو ته سڀني آمرن پرامن احتجاج ڪندڙن جي خلاف ڪارروائيون ڪرايون هيون. جڪي اڄ به ماڻهن کي ياد آهن ۽ اهي وساري ڪونه سگھيا آهن. هن حڪومت به آمرن جي روايتن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر، ياد رهي ته اهڙي قسم جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سنڌ جي باشعور عوام کي پنهنجي حقن وٺڻ کان دستبردار ڪري نه ٿو سگھجي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته، خيرپور جي وڪيلن پاران هڪ پينل ٺاهي ڄاڻايل ماڻهن جي خلاف ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ مفت قانوني مدد ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، انتقامي ڪارروائين جو شڪار ٿيندڙ هر ماڻهو ڌڻڪو آهي. وڪيل اهڙن ماڻهن کي نڌڻڪو ڇڏڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهن. سندن مالڪي ڪئي ويندي ۽ قانوندان، سندن هر قسم جي قانوني مدد ڪندا رهندا. جيستائين انهن جي ڪيسن مان جان آزاد ٿئي.
کپرو، ڪنڌ ڪوٽ، مورو، ملير، ٻٻرلوءِ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پوليس انتقامي ڪارروائيون ڪري رهي آهي. خبر ناهي ته، اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي اشاري تي ٿي رهيو آهي. ۽ ائين ڇو ڪيو پيو وڃي. ان عمل جي ڪيتري به مذمت ڪجي سا گھٽ آهي. هن وقت سنڌ ۾ پاڪستان پيپلس پارٽي جي مقبوليت ۾ ڪجهه گھٽتائي آئي آهي. ان پارٽي کان ڪيترائي ماڻهو باغي ٿي ويا آهن. ويتر، انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. مخالفن کي تنگ ڪيو پيو وڃي. انهن تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. سندن زمينن جو پاڻي به بند ڪيو ويو آهي. انهن جون زمينون بنجر ٿينديون پيون وڃن. اهي گھڻيون تڻيون غيرآباد ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جيڪڏهن اهڙي قسم جون انتقامي ڪارروايون جاري رهيون ته پارٽي جي مقبوليت جو گراف اڃا وڌيڪ هيٺ ڪري سگھي ٿو. جنهن ڪري سنڌ حڪومت کي انتقامي ڪارروائين واري پاليسي بدلائڻ جي سخت ضرورت آهي. جمهوريت جي آڙ ۾ انتقام وٺي آمريت جي ياد کي ورجائڻ جي ڪوشش بند ٿيڻ گھرجي. مون ڪن اعتبار جوڳن ذريعن کان ٻڌو آهي ته ڪيترائي ماڻهو ڪيسن ۾ قابو ڪيا ويا آهن ۽ ٻيا ڪيترائي قابو ۽ سوگھا ڪيا ويندا. جن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس جي وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي. انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جاري رکيو ويو. اها ڪارروائي برقرار رکي ويئي ته ان مان حڪومت کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿيندو. ويتر مخالفت ۾ اضافو ٿيندو. جنهن ڪري حڪومت کي ان عمل کان پاسو ڪرڻ گھرجي. مخالفن کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ سان سٺي حڪومت قائم ٿي سگھي ٿي. سٺا نتيجا برآمد ٿي سگھن ٿا. جيڪي ملڪ جي مفاد وٽان هوندا. ان کان علاوه اها وقت جي تقاضا آهي ته عوام جي مسئلن حل ڪرڻ ڏانهن خاص توجه ڏنو وڃي. عوام کي هرگز نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان عوامي احتجاج روڪجي سگھجن ٿا. ٻئي حالت ۾ روزانه ٿيندڙ احتجاج وڌندا ويندا جيڪي حڪومت جي ڪاروهنوار کي کوکلو بنائي سگھن ٿا. اسان هن ڪالم جي ذريعي سنڌ توڙي وفاق جي حڪومتن کي اها گذارش ڪنداسون ته عوام جي اهنجن، تڪليفن ۽ پريشانين ڏانهن خاص ڌيان ڏيئي اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وڃن جيڪي عوام جي امنگن موافق هجن ائين ڪرڻ سان وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي.