اسان جي ملڪ ۾ اڪثريت آبادي غربب جي لڪير مان گذري رھي آھي، جڏھن ته اسان جو ملڪ پڻ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن مان سڀ کان وڏا ۽ اهم مسئلا مهانگائي ۽ بيروزگاري آهن. اهي ٻئي مسئلا نه رڳو عوام جي روزاني زندگي کي متاثر ڪري رهيا آهن، پر ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ به وڏو خطرو بڻجي چڪا آهن. مهانگائي جو مطلب آهي روزاني استعمال جون شيون مهانگيون ٿي وڃن. جڏهن ته ماڻهن جي آمدني ساڳي رهي ٿي جڏھن ته ضروري ۽ روزمرھ جي شين جا اگهه روزاني جي بنياد وڌندا رھن ٿا ان لاءِ مهانگائي عوام لاءِ وڏو مسئلو بڻجي وڃي ٿي. اڄڪلهه هڪ عام ماڻهو لاءِ پنهنجي گهر جا خرچ پورا ڪرڻ ۾ بي پناھ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون. اٽو، کنڊ، دال، کاڌ خوراڪ، گئس، بجلي ۽ ٻيون ضروري شيون ايتريون مهانگيون ٿي ويون آهن جو پورهيت يا ملازم ماڻهو پنهنجي پگهار سان مهينو پورو نٿو ڪري سگهي. مهانگائي صرف شيون مهانگيون ٿيڻ تائين محدود نه آهي، بلڪه ان سان گڏ ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار ۾ به گهٽتائي اچي وئي آهي. ماڻهو پريشان، مايوس ۽ ذهني طور تنگ ٿي ويا آهن، جنهن جو اثر سندن صحتياب زندگيءَ تي پئجي رهيو آهي. ٻئي طرف بيروزگاري به ملڪ لاءِ وڏو چئلينج آهي
عبدالرحيم رند
شهر ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ مختلف هوٽلن، صحت لاءِ شديد نقصانڪار کاڌا ۽ ڪيميڪل ملاوٽ واري چانهن وڪرو ٿيڻ لڳو آهن. منگهوپير ۾ ڪيترائي هوٽل اهڙا آهن جتي هڪ ئي تيل کي ڪيترائي ڀيرا گرم ڪري، ساڳي تيل ۾ کاڌا تيار ڪيا وڃن ٿا، جنهن سبب اهو تيل زھريل بڻجي ويندو آهي. اهڙن کاڌن جو روزانو استعمال ماڻهن جي جگر، معدي ۽ آنتن لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو آهي.
هوٽلن تي ملندڙ چانهه به اڪثر هوٽل مالڪ خالص کير بدران "ٽي وائٽنر”، يعني ڪيميڪل تيار محلول، صابڻ يا واشنگ پائوڊر جي اجزاء تي مشتمل سفيد رطوبت استعمال ڪن ٿا، جيڪا صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.فوڊ اٿارٽي ۽ صحت کاتي جا اهلڪار، باوجود شڪايتن جي، هن وقت تائين ڪا به واضح ڪاروائي نه ڪري سگهيا آهن. علائقي جي باشعور شهرين جو چوڻ آهي ته ڪجهه هوٽل مالڪ سياسي پٺڀرائي سبب پاڻ کي قانون کان بالاتر سمجهن ٿا.
منگهو پير جي مقامي ڊاڪٽرن ۽ صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته:غير معياري تيل، ڪيميڪل واري چانهن ۽ گندگيءَ ڀري ماحول ۾ تيار ٿيل کاڌا، مسلسل استعمال جي صورت ۾ انسان کي پيٽ جي خطرناڪ بيمارين، جگر جي سوج، السر، دل جي تڪليف ۽ ڪينسر تائين پهچائي سگهن ٿا.منگوپير واسين صحافتي ادارن کان اپيل ڪئي آهي ته هو ان مسئلي کي اجاگر ڪري واسطيدار اختيارين تي دٻاءُ وجهن ته جيئن علائقي ۾ صحت جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.هوٽلن تي وڪرو ٿيندڙ زهر جهڙن کاڌن بابت صحافتي تنظيمون، سماجي اڳواڻ ۽ صحت کاتو پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيئن عوام جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.
ذيشان حفيظ لنڊ/ منگهو پير
منگهو پير جي هوٽلن تي ملندڙ غير معياري کاڌن
۽ ڪيميڪل واري چانهه جو نوٽيس ورتو وڃي