تلهار ۾ منشيات جهڙي زهر جي عام وڪري واري ملندڙ شڪايتن کان پوءِ بدين سي آئي ۽ ايس ايس پي نوٽيس ورتو ۽ تلھار ۾ مختلف جاين تي رات جي پيٽ ۾ گھرن ۾ ڇاپا ھڻي منشيات فروشن کي ثبوتن سان گڏ پڪڙي پوليس ڪيس داخل ڪيا ھئا، ان کانپوءِ منشيات فروشن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو ھو، جيئن جيئن تلھار ۾ بھترين آفيسر ايندا رھيا، تيئن تيئن منشيات مڪمل طور تي بند ٿيڻ لڳي ۽ اھي وڏا ڊيلر منھنجي خيال ۾ جوءِ ئي ڇڏي ويا، اهي بدين ضلعي مان بدر ٿي خوف مان ٻين ضلعن ۾ ساڳيو ڪاروبار ڪرڻ لڳا، اڄ به پراڻا تلھار جا منشيات جا ڊيلر مٺي، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن ۾ ساڳيو ڪاروبار ڳريون منٿليون ڏيڻ کانپوءِ ڪري رھيا آھن.
ھن وقت تلھار ۾ پوليس کان لڪي ڪري مختلف جاين تي مختلف ماڻھو ننڍي ليول تي منشيات جو ڪاروبار ڪري رھيا آھن، ھن وقت تلھار ۾ گٽڪو، مائو، سفينا، مين پڙي، چرس، ڀنگ، آفيم ۽ آئيس جھڙي منشيات جو ڪاروبار ڳجھ ڳوهه ۾ ھلايو پيو وڃي، جنھن جي ڀڻڪ به پوليس کي ناھي پئي، ذريعن موجب تلھار جي پوري شھر ۾ مختلف جاين تي لڳل ڪيبنن توڙي گھرن ۾ ساڳيو منشيات ۾ ڪم ايندڙ وکر رکي ٻاھر گراھڪ جي آرڊر موجب اوترو ئي کڻائي اچي ٻاھر ڏنو ويندو آھي.
منشيات ھلائيندڙ ٻه سئو کان ھڪ ھزار جي منشيات جي پيڪيٽ پاڻ وٽ رکي ڪيبينن کان ٿورو پري بيھن ٿا، جڏھن گراھڪ اچي ٿو ته ڪيبين تي ويٺل ھڪ اشاري سان ان گراھڪ جو گھربل سامان فوري گھرائي وٺي ٿو، اھڙي ريت ھر نشو وکر وانگر ھلي رھيو آھي، منشيات فروش پوليس جي اکين ۾ مٽي وجھي کلي عام ھي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ موجود ايس ايڇ او تلھار بهتر آفيسر آھي، ايس ايڇ او کي گھرجي ته ھو مختلف چوڪن تي قائم ڪيبنن تي نظر رکي، ثبوتن سان گڏ منشيات وڪرو ڪندڙن کي پڪڙي منشيات ايڪٽ تحت ئي ڪيس داخل ڪري، ھن موذي مرض مان عام ماڻھن کي بچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ڏيکارين.
ٽنڊوباگو روڊ تي ھڪ ڪيبين ھلائيندڙ ھڪڙو ڇوڪرو ھاڻي شراب جو ڪاروبار پڻ ڪري رھيو آھي، ھي سمورا مسئلا يا معاملا انھن جي تهه تائين پوليس کي پھچڻو آھي، پوليس لاءِ ھن وقت ھي وڏو اشو ۽ اھم ٽاسڪ پڻ آھي ته پوليس جي پٺ پويان اھڙو ڪڌو ڪم عمل ۾ منشيات فروش آڻي پوليس کي بدنام ڪري رھيا آھن، جڏھن ته پوليس ھن ڪڌي ڪم ملوث نظر نٿي اچي، پيرولاشاري تي به جوا جا اڏا قائم ٿيڻ لڳا آھن، چرس جا ڊيلر ۽ اڳوڻا گٽڪن جا ڊيلر هاڻي شراب جا وڏا ڊيلر بڻجي ويا آھن، جيڪي پيرولاشاري جي شھر ۾ سرعام ٺرو، چرس، سفينا، گٽڪو به وڪرو ڪري رھيا آھن، تلھار شھر ان جي ڀرپاسي ۾ منشيات پنھجي جاءِ ولاري رھي آھي، جيڪڏھن قانون حرڪت ۾ نه آيو ته ٿي سگھي ٿو ايندڙ ھڪ ٻن مھينن ۾ منشيات فروشن کي روڪڻ ناممڪن ٿي پوندو، ڇاڪاڻ جو ھن وقت منشيات فروش تيزي سان ھن ڪڌي عمل کي پوليس کان چوري لڪ ڇپ ۾ اھڙو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ ڪامياب بڻجي چڪا آھن.
حالت ته اهڙي خراب آهي جو پوليس اهلڪار ان ڪڌي ڪاروبار ۾ شامل ٿي ويا آهن، اهلڪار آفيسرن کان لڪي پنھنجون سيٽنگون پٺ پويان ڪري قانون سميت عام ماڻھن کي به گمراهه ڪري منشيات جي وڪري کي پاڻ ھٿي ڏيڻ تي مجبور ٿي ٿا پون، پوليس جي اعليٰ عملدارن کي منشيات جي وڌندڙ ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي منشيات مان ماڻهن جي جان بچائڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته هر گهر لاءِ هي ڪڌو عمل ناسور بڻجي ويندو ۽ ڪيترائي گهر اجڙي ويندا.