اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ آزاد جمون ڪشمير جي علائقي دواراندي ۾ شهيد ٿيل 7 سالن جيارتضيٰ عباس جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي اعليٰ سياسي ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي، آءِ ايس پي آر جي بيان موجب، جنازي نماز ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وزير خواجا آصف، سڌ سماءُ واري وزير، آرمي چيف جنرل عاصم منير، نيوي چيف ايڊمرل نويد اشرف سميت وڏي انگ ۾ فوجي، سول آفيسر، شهيد جي عزيزن ۽ عام شهري موجود هئا، وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته معصوم ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ بزدليءَ جي بدترين مثال آهي، اهڙن غيرفطري ۽ غير ذميوار حرڪتن مان ڀارتي حڪومت جي جارحاڻي سوچ ۽ تڪبر ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو نه رڳو علائقي لاءِ پر پوري دنيا جي امن لاءِ خطرو آهي.