اسلام آباد (م ڊ) ڀارت طرفان پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فضائي حملا ڪرڻ کانپوءِ عالمي برادري ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي، ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان جي خودمختياري جي حمايت ڪندي ڀارت جي جارحاڻي رويي تي سخت تنقيد ڪئي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ کي ”شرمناڪ“ جڏهن ته چين ڀارتي حملن کي ”افسوسناڪ“ قرار ڏنو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ روبيو به سماجي رابطن جيويب سائيٽ ايڪس جاري ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ” مان ٽرمپ جي بيان جي حمايت ڪريان ٿو، اميد آهي ته ڇڪتاڻ جلد ختم ٿيندي ۽ ڀارتي توڙي پاڪستاني قيادت پرامن حل لاءِ ڪوششون جاري رکندي، برطانوي وزيراعظم ڪئير اسٽارمر پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هو ٻنهي ملڪن تي زور ڀرين ٿا ته هو حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائين ۽ امن لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪن، برطانوي وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن قائم رکڻ ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪيا وڃن، چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته هو موجوده صورتحال بابت ”پريشان“ آهي، سندس چوڻ هو ته بيجنگ ٻنهي ملڪن کي ”پرسڪون رهڻ ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ“ جو مشورو ڏنو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته اهڙا قدم نه کنيا وڃن جنهن سبب صورتحال وڌيڪ بگڙي وڃي، گڏيل عرب عمارتن به ڀارت ۽ پاڪستان تي ” صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي “ زور ڏيندي چيو آهي ته اهڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪي علائقائي يا بين الاقوامي امن لاءِ خطرو بڻجن، دنيا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ برداشت نه ٿي ڪري سگهي، افغان پرڏيهي وزارت واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار خطي جي مفادن جي خلاف آهي ۽ اهڙي صورتحال جو نقصان سڄي ڏکڻ ايشيا کي ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ڌرين کي گهرجي ته هو صبر ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجا اختلاف پرامن ڳالهين ۽ سفارتي طريقن سان حل ڪن، جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ممڪن ٿي سگهي، ترڪي جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي طرفان شهرين ۽ شهري عمارتن کي نشانو بڻائڻ جهڙن حرڪتن جي مذمت ڪيون ٿا، اهڙن قدمن سان خطي ۾ جنگ جو خطرو وڌي ويو آهي، ترڪيه پاڪستان جي پُرامن موقف جي حمايت ڪندي، پهلگام حملي جي شفاف جاچ واري پاڪستان جي مطالبي جي پڻ حمايت ڪئي، قطر به پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو ته بحران جو حل سفارتي ذريعن سان ئي ممڪن آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي لاڳاپن لاءِ رابطن جا چئنل کولڻ گهرجن، روس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ به پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ چڪرين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو ته روس دهلي ۽ اسلام آباد مان پنهنجا اختلاف پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، روس عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، هوڏانهن فرانس جي پرڏيهي وزير جين نوئل باروٽ به هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته فرانس دهشتگردي جي خلاف ڀارت جي فڪرن کي سمجهي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن کي صبر ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، آذربائيجان جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حملي ۾ بيگناهه شهري شهيد ٿيا، جنهن تي آذربائيجان جي حڪومت ۽ عوام کي گهري افسوس آهي. آذربائيجان پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت ترجمان اينوئر ال انوني بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته هو خطي جي امن ۽ استحڪام خاطر ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سنجيده رستو اختيار ڪن، جاپان جي پرڏيهي وزير ايوائيا تاڪيشِي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن کي تحمل ۽ دانشمندي اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، پنهنجي بيان ۾ جاپاني وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي گهرجي ته فوري طور تي اهڙا قدم کڻن، جيڪي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ ۽ خطي ۾ امن برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.هن وڌيڪ چيو ته جاپان دهشتگردي جي هر شڪل جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نٿو سمجهي، ڇو ته اهڙا عمل خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهن.