ڀارت پاران سچ کان ڀڄڻ جي ناڪام ڪوشش،عوامي آواز جا 2 فيس بُڪ پيج بلاڪ

ڪراچي(رپورٽر)ڀارت پاران پاڪستان تي حملي جي خبرن جي رپورٽنگ کان خوفزده ٿي عوامي آواز ميڊيا گروپ جا ٻه فيس بُڪ پيج ”عوامي آواز آفيشل“ ۽ ”عوامي آواز ڊجيٽل“ پنهنجي ملڪ اندر مڪمل طور بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن،فيس بڪ جي نوٽيفڪيشن مطابق ڀارت انفارميشن ٽيڪنالاجي ايڪٽ جي سيڪشن 69  اي تحت عوامي آواز جي ٻن پيجن کي ڀارت اندر بلاڪ ڪيو آهي، عوامي آواز پاران ڀارتي جارحيت تي بنيادن تي ٻڌل رپورٽنگ، خطي جي صورتحال بابت عوامي شعور کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڀارتي حڪومت لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻي، جنهن کي ڀارت پنهنجي اندرين سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي اهڙو قدم کنيو، ميڊيا عملدارن جو چوڻ آهي ته ڀارت جو هي عمل اظهارِ راءِ جي آزاديءَ جي کليل ڀڃڪڙي ۽ ميڊيا تي دٻاءَ جي عڪاسي ڪري ٿو، فيس بُڪ پيجن جي بندش سان نه رڳو ڀارتي ميڊيا پاليسيءَ تي سوال اٿيا آهن، پر عالمي سطح تي ڀارت جي جهموري چهري کي به مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي، عوامي آواز ميڊيا گروپ پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته سچ کي روڪڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي ۽ هو پنهنجي صحافتي فرض تان پوئتي نه هٽندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.