ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀارتي جارحيت خلاف منعقد ٿيل ريلي کي خطاب ڪندي پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت پاران پاڪستان مٿان لڳايل بي بنياد الزامن جي مذمت ڪئي ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي، جنهن کي هن ”گجرات جو قصائي“ قرار ڏنو، سندس اندروني ناڪامين کان ڌيان هٽائڻ لاءِ واقعي جي منصوبابندي ڪرڻ جو الزام لڳايو. احتجاجي ريلي پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) پاران ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران ڀارت جي تازين جارحيتن جي جواب ۾ منعقد ڪئي وئي. ريلي ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جن ۾ جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ مسلم ليگ (ق) جا عهديدار شامل هئا، جنهن سان قومي اتحاد جو مضبوط پيغام ويو. ريلي کي خطاب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت پاران پاڪستان مٿان لڳايل بي بنياد الزامن جي مذمت ڪئي. هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي، جنهن کي هن ”گجرات جو قصائي“ قرار ڏنو، سندس اندروني ناڪامين کان ڌيان هٽائڻ لاءِ واقعي جي منصوبابندي ڪرڻ جو الزام لڳايو،وڏي وزير چيو ته اسان جي هٿياربند فوجن اهڙي طرح جواب ڏنو جو ڀارت کي ڪلاڪن اندر سفيد جهنڊا لهرائڻ تي مجبور ٿيو، پاڪستان ايئر فورس پنج ڀارتي جهاز ۽ هڪ ڊرون ڪيرايو.“ اسان صرف ان ڪري پٺيان هٽياسين ته معاملو وڌيڪ نه وڌي نه ته هڪ به ڀارتي جهاز نه بچي ها. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن ۾ صوبائي وزير بلديات سعيد غني، اي اين پي جو شاهي سيد، جماعت اسلامي جا اڳواڻ، پ پ پ جو چونڊيل سينيٽر وقار مهدي، ۽ مسلم ليگ (ق) جا اڳواڻ شامل هئا.