اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي، جيڪا خطي لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف ٻڌايو ته ڀارت نيلم جهلم بجلي گهر تي حملو ڪيو آهي، جنهنجو جواب ڏيڻ لازمي آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال تي پارليامينٽ ۽ عوام کي مڪمل طور تي اعتماد ۾ ورتو ويندو، هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته صورتحال ايٽمي جنگ تائين وڃي سگهي ٿي، جنهن جا نتيجا نه رڳو خطي، پر پوري دنيا لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، هن واضح طور تي چيو ته جيڪڏهن حالتون ايٽمي جنگ تائين پهتيون ته ان جي سموري ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿيندي.