ڀارتي حملي ۾ 7 ورهين جي ٻار سميت 31 پاڪستاني شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 3 رافيل سميت 5 ڀارتي جنگي جهاز تباهه

اسلام آباد/راولپنڊي(بيورو/م ڊ) پاڪستان تي ڀارتي بزدلاڻي حملي ۾ پاڪ فوج جي آفيسر جو 7 ورهين جو پٽ شهيد ٿي ويو، حملي ۾ 31 پاڪستانين جي شهادت ۽ 57 ڄڻا زخمي هجڻ جي تصديق ٿي آهي، قومي سلامتي ڪميٽي فوج کي ڀارتي اڳرائي جو جواب ڏيڻ جو اختيار ڏئيڇڏيو آهي. ڀارت جي بزدلاڻه ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيل حملي دوران پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل ظهير جو 7 سالا پٽ ارتضىٰ عباس شهيد 31 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 57 زخمي ٿيا آهن. ڀارتي فوج آزاد ڪشمير جي ڪوٽلي، مظفرآباد، باغ ۽ پنجاب جي مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه علائقن ۾ رات جي وقت عام شهرين تي حملا ڪيا۔ حملي دوران 2 مسجدون پڻ نشانو بڻايون ويون، شهيد ٿيندڙن ۾ ٻه ٻار به شامل هئا، جن مان هڪ پاڪ فوج جي آفيسر جو پٽ هو. جنهن جي تصويرون سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿيون آهن۔ پاڪ فوج ڀارت جي بزدلاڻين حرڪتن جو ڀرپور فوجي جواب ڏنو آهي، جنهن ۾ ڀارتي هوائي فوج جا 3 رافيل جهاز، 1 سُخوئي، 1 مگ 29 ۽ 2 ڊرون تباه ڪيا ويا. ڀارتي فوج جو بريگيڊ هيڊڪوارٽر به مڪمل طور تي تباه ڪيو ويو.پاڪ فوج جي حملي بعد ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي اڇا جهنڊا کڻي پنهنجي شڪست قبول ڪئي۔ پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته معصوم شهريءَ جي رت جي آخري ڦڙي جو به حساب ورتو ويندو. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪ فوج کي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. اسان جي امن جي سخت خواهش کي ڪڏهن به ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي حملن کان پوءِ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ باؤنڊري تي ڀارت جي فائرنگ ۽ گولاباري سبب شهيدن ۽ زخمين جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. پاڪستاني شهيدن جو تعداد وڌي 31 ٿي ويو آهي ۽ هن وقت 57 ماڻهو زخمي آهن. ڀارت جي بزدلاڻين حملن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي. هن چيو ته معصوم شهريءَ جي ناحق رت جي آخري ڦڙي تائين جو حساب ورتو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته اسان جو دشمن ڪم ظرف ۽ بزدل آهي، جنهن لڪي معصوم شهريَن کي نشانو بڻايو. معصوم ٻارن کي ته اڃا به پنهنجي حياتيءَ جون بهارون ڏسڻيون هيون، ڇا اهي دهشتگرد هئا جن کي ڀارت نشانو بڻايو؟ جيڪڏهن هي دهشتگردي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چودھري چيو ته گذريل رات مسجدن کي نشانو بڻايو ويو ۽ قرآن پاڪ کي شهيد ڪيو ويو. ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ ڪهڙي بهادري آهي؟ دنيا ۾ ڪهڙو مذهب آهي جيڪو عبادتگاهن کي نشانو بڻائڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي فروغ ڏنو آهي، ڀارت پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي دهشتگردي کي وڌائي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه وقت تي ردعمل ڏيندي ڀارتي جديد جهازن کي زمين تي اچي وهاري ڇڏيو، پاڪستان جي بهادر ايئرفورس 3 رافيل سميت 5 جهاز ڪيرايا ۽ ڀارت جا 7 ڊرون به تباهه ڪيا. پاڪ فوج پنهنجي جوابي ڪارروائي ۾ رڳو فوجي هدفن کي نشانو بڻايو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي جوابي ڪارروائي دوران ڪيترائي ڀارتي چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون ويون. ڀارتي چيڪ پوسٽن مان بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي پئي وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته الحمدلله پاڪ فوج جو ڪو به جوان شهيد ناهي ٿيو ۽ ايئرفورس جو به ڪو جهاز متاثر ناهي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حملن جي وقت 57 بين الاقوامي پروازون پاڪستاني فضائي حدن ۾ هيون، ڀارت سوين مسافرن جون جانيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون. نيلم جهلم هائيڊرو پروجيڪٽ کي به نشانو بڻايو ويو.

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تي ڀارتي حملن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي مرضي جي وقت، جاءِ ۽ انداز ۾ جواب ڏيڻ جو حق محفوظرکي ٿو، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع ۾، معصوم شهرين جي جاني نقصان ۽ پنهنجي خودمختاري جي ڀڃڪڙيءَ پلاند وٺڻ لاءِ پنهنجي مرضي جي وقت، هنڌ ۽ انداز ۾ جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، جڏهن ته پاڪ فوج کي ان سلسلي ۾ مناسب ڪارروائي ڪرڻ جو باضابطا اختيار ڏنو ويو آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ”ڀارتي اڳرائيءَ تي ڏاڍي ڏک ۽ ڪاوڙ جو شڪار پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج جي بهادري، جرئت ۽ وطن جي دفاع ۾ سندن وقتائتي ڪارروائي کي ساراهي ٿي، قوم ڪنهن به قسم جي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو ڀارت جي غير قانوني قدمن جي سنگيني کي تسليم ڪري ۽ ان کي بين الاقوامي اصولن ۽ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙين تي پڇاڻو ڪري، پاڪستان امن لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڳالهه جو عزم ورجائي ٿو ته هو ڪڏهن به پنهنجي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتيءَ جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏيندو ۽ نه ئي پنهنجي عوام کي ڪنهن نقصان جو شڪار ٿيڻ ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.