اسلام آباد (م ڊ) ڀارت يڪطرفو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري، پاڪستان تي آبي جنگ مڙهي ڇڏي آهي. چناب درياهه جو پاڻي وڏي پيماني تي روڪي خشڪ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جهلم درياهه تي ڪشن گنگا رٿا تحت پاڻي جي وهڪرن ۾ به گهٽتائي جي تياري ڪئي پئي وڃي. اڳوڻي انڊس واٽر ڪمشنر موجب ڀارت جا قدم نه رڳو معاهدي جي خلاف آهن، پر پاڪستان جي زراعت، پاڻي جي تحفظ ۽ قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن. رڳو ٻن ڏينهن ۾ چناب درياهه جي پاڻيءَ جي آمد 40,900 ڪيوسڪ کان گهٽجي 5,300 ڪيوسڪ تائين اچي وئي آهي. ڀارت چناب بيسن تي پڪل دل (1,000 ميگاواٽ)، ڪيرو (624 ميگاواٽ)، ڪوآر (540 ميگاواٽ) سميت ٻيا منصوبا تيز رفتاري سان مڪمل ڪري رهيو آهي، جيڪي 2027-28 تائين مڪمل ٿيڻا آهن. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڀارت جا قدم واٽر اسٽرائيڪ آهن، جيڪي سرجيڪل اسٽرائيڪ کان به وڌيڪ نقصانڪار ٿي سگهن ٿا. ڀارت طرفان انڊس واٽر ڪمشنرن جون گڏجاڻيون ٽن سالن کان بند آهن، ۽ پاڪستان کي ڀارت جي منصوبن جو جائزو وٺڻ به نه ڏنو ويو آهي، جنهن سان پاڪستان جا خدشا وڌي ويا آهن. ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ڀارت وٽ درياهن جو پاڻي روڪڻ جي ڪا سهولت ناهي، هاڻي سوال اهو آهي ته پاڪستاني درياهن جو پاڻي ڪيڏانهن ويو؟ ڀارت پاڻي روڪي ڪٿي پنهنجي هارين لاءِ استعمال ڪرڻ ته شروع ناهي ڪري ڇڏيو؟