ڀارت جي آبي جارحيت جاري،چناب ۾ پاڻيءَ جي آمد ۾ اوچتو وڏو اضافو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پهلگام واري واقعي کان پوءِ ڀارت جي آبي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، 2 ڏينهن اڳ چناب ۾ پاڻيءَ جي آمد ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي هئي، پر گذريل ڏينهن اوچتو هيڊ مرالا جي مقام تي پاڻيءَ جي سطح وڌي وئي، رپورٽن موجب ڀارت طرفان چناب ۾ پاڻيءَ جي آمد 26400 ڪيوسڪ تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته گذريل رات 9 وڳي تائين اها صرف 3100 ڪيوسڪ رهي هئي، جيڪا هڪ انتهائي خطرناڪ گهٽتائي هئي، ٻئي طرف واپڊا درياهن ۽ آبي ذخيرن بابت نئين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب ملڪ جي درياهن ۾ مجموعي طور تي پاڻيءَ جو وهڪرو 1 لک 88 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي،واپڊا جي رپورٽ سان گڏ اهو پڻ سامهون آيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي والاريل ڪشمير ۾ ٻه نوان هائيڊرو پاور پراجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جن سان پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سگهه ۾ پڻ واڌ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.