ارسا ۽ پنجاب ڌاڙيل واهه کولي ڇڏيا آهن:اياز پليجو

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  تونسا، چشما ۽ گريٽر ٿل ڪينال مسلسل وھائڻ، زمينون ۽ وسيلا ڦٻائڻ، 6 نوان ڪينال ٺاھڻ ۽ سنڌ برباد ڪرڻ بند ڪيو. پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي، ارسا ۽ پنجاب حڪومت سنڌ سان دوکو ڪري کوٽ دوران به ڌاڙيل واھ کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيا آھن سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي هن چيو ته  حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو وڏيرا، سردار، جاگيردار پنھنجي زمينن لاءِ زبردستي کڻي وڃن ٿا. جنھن ڪري ننڍا آبادگار، پڇڙي جا آبادگار پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آھن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.