لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت کي ڀارتي جارحيت تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ جماعت اسلامي قوم کي متحد ڪرڻ ۽ سڀ ضروري قدم کڻڻ جي شروعات ڪندي. نواز شريف ڀارت خلاف نٿو ڳالهائي، کيس پنهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي پر ڀارتي دهشتگردي خلاف به ڳالهائڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جو دورو ڪري رهيو آهي،مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ۽ پي ٽي آءِ آمريڪا جي مذمت ڪرڻ کان لنوائين ٿيون، ۽ واشنگٽن جي آشيرواد لاءِ پاڻ ۾ مقابلو ڪري رهيون آهن.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بجيٽ اچي رهي آهي، حڪومت صدارتي آرڊيننس ذريعي وزيرن جي پگهارن ۾ بيحد اضافو ڪيو آهي، ۽ مراعات يافته طبقي کي انعام ڏيڻ لاءِ پگهاردار مزدورن، ننڍن هارين ۽ عام ماڻهو جو رت نچوڙيو پيو وڃي.حڪومت جي معاشي اشارن ۾ بهتري جي سڀني دعوائن جي باوجود، ماڻهن جي حالت ۾ ڪا به بهتري نه آئي آهي. هن بجيٽ ۾ ننڍن هارين لاءِ رليف ۽ 120,000 رپين تائين جي پگهارن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته موجوده حالتن ۾، حڪومت جي ذميواري آهي ته قومي اتحاد لاءِ ڪوششون تيز ڪري. بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪيو وڃي.گم ٿيل ماڻهن جي معاملي جي جاچ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي وڃي ۽ تفصيل سامهون آندا وڃن، بيگناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.